141

وفاقي حڪومت خلاف ميرپورماٿيلو ۾ پيپلزپارٽي جو پاور شو، جلسي ۾ هزارين ماڻهو شريڪ

ميرپورماٿيلو (ويب ڊيسڪ) عمران نيازي سرڪار جي وفاقي غلط پاليسن ۽ عوام دشمن بل پيش ڪري مهانگائي جو طوفان کڙو ڪرڻ واري عمل سان سنڌ سميت پاڪستان جي عوام گهر جو چرخو هلائڻ بجاءِ فاقاڪشي جو شڪار هجڻ واري عمل ۽ سنڌ جي حقن تي مسلسل وفاق جي ڌاڙن ۽ سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ واري عمل کانپوءِ پيپلز پارٽي جي صوبائي قيادت پاران وفاق خلاف شروع ڪيل مهم جي سلسلي ۾ پي پي ضلعي گهوٽڪي پاران ضلعي هيڊ ڪوارٽر ميرپورماٿيلو ۾ هڪ عوامي طاقت جو پاور شو ڀٽائي چوڪ ميرپورماٿيلو تي ڪيو، جنهن ۾ پيپلز پارٽي مندر ونگ ۽ سندس زيلي تنيظمن هاري ڪاميٽي، سپاف، ليڊيز ونگ، منارٽي ونگ، يوٿ ونگ سميت سمورين ونگن جي ڪارڪنن اڳواڻن ۽ جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پي پي ضلعي گهوٽڪي جي صدر مير بابر علي خان لنڊ سوين ماڻهن جي وڏي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته وفاق نيازي سرڪار سنڌ سان زيادتن جي انتها ڪري ڇڏي آهي ۽ عوام کي مهانگائي جي طوفان ۾ جڪڙي عوام دشمن بڻجي چڪو آهي هن چيو ته سوئي گيس جا 16 هزار ملازم برطرف ڪري انهن جي گهرن ۾ بک بدحالي پيدا ڪئي وئي، جيڪي 20 کان 30 سالن کان پراڻا ملازم ڪم ڪري رهيا هئا، عمران نيازي وڏو بازيگر ماڻهو آهي جيڪو عوام کي بيوقوف بڻائي ڪنٽينر تي بيهي ڪروڙين ماڻهو کي روزگار ڏيڻ ۽ گهر ڏيڻ جا سبز باغ ڏيکاري ووٽ وٺي چور دروازي کان اچي عوام کي مهانگائي جو طوفان ڏنو اٿس نوڪريون ڏيڻ بجاءِ نوڪريون کسيون پيون وڃن گهر ڏيڻ بجاءِ سوين ماڻهن کي به گهر ڪيو ويو آهي اڄ جي غريب عوام جيڪا 40 روپيه واري في ڪلو کنڊ 100 روپيه ڪلو کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور آهي مهانگائي جي طوفان سبب پورهيت سڄو ڏينهن ڪمائڻ باوجود گهر جو خرچ نٿو پوري سگهي گهريلو شيون مهانگيون ڪرڻ سان گڏوگڏ پيٽرول کي به رڪارڊ مهانگو ڪيو ويو آهي عمران نيازي عوام کي خوشحال بڻائڻ بجاءِ ڪنگال بڻائڻ جو ٺيڪو کڻي آيو آهي، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب هاڻي ماڻهو روزگار نه هجڻ ڪري سخت مهانگائي سبب ڦرون ڪرڻ تي لهي پيا آهن، اسٽيل مل جيڪا شهيد ڀٽو صاحب پاران اسان کي ڏني وئي ان کي ڪجهه سالن کان تالو لڳل آهي ان جي ملازمن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي، بجلي جي في يونٽ ۾ رڪارڊ مهانگائي اچڻ ڪري عوام اڄ بجلي استعمال ڪرڻ بجاءِ سولر پليٽون استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن واپڊا جا نااهل وفاقي آفيسرن جي غلط پاليسن جي ڪري واپڊا جا ايس ڊي او ۽ انجنئير ڳوٺن جا ٽرانسفارمر لاهي ٿا وڃن ڪوبه پڇڻ وارو ناهي هڪ پورهيت جي بجلي بل نه پيارڻ جي سزا سڄي ڳوٺ کي ڏني پئي وڃي گيس جو نئو ڪنيڪشن نٿو ملي سنڌ مان نڪرندڙ گيس ٻين صوبن کي ملي رهي آهي سنڌ جي انهن ضلعن جتان گيس نڪري ٿي اهي ضلع خاص ڪري گهوٽڪي ضلعي جي عوام گيس جي سهولت کان محروم آهي سپريم ڪورٽ جي حڪمن باوجود جتان گيس نڪري ٿي ان جي پنج ڪلو ميٽر فاصلي تي ڇا پر گيس جي کوهن ڀرسان شهر توڙي ڳوٺن کي گيس نٿي ملي عمران نيازي کي هيرو بڻائيندڙ اڄ پاڻ پريشان آهن ڪافي ماڻهو عمران نيازي کي ڇڏي عوام کان معافيون وٺڻ تي مجبور آهن وفاق سنڌ جو پاڻي بند ڪري سنڌ جي زراعت کي وڏو نقصان ڏنو آهي پاڻي نه هجڻ ڪري هاري ٻه ٻه دفعا فصل پوکڻ تي مجبور آهي سنڌ ۾ 40 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ سبب شديد پاڻي جو بحران اچي ويو آهي جنهن سان سنڌ جي زراعت تباهه ٿي رهي آهي، اسين سنڌ کي ۽ سنڌ جي زراعت کي بچائڻ لاءِ ميدان تي نڪتا آهيون عمران نيازي جي ڪابه غير قانوني بدماشي هلڻ نه ڏينداسون اسلام آباد اسان کي ڏٺل آهي پاڻي جيڪو سنڌ جي حصي جو آهي اهو هاڻي ڇني وٺنداسون پاڻي تي اسان جو هميشه جهيڙو رهيو آهي سنڌ جي پاڻي تي هر دور ۾ داڙو هنيو ويندو آهي هڪ طرف سنڌ جو پاڻي بند آهي ته ٻي طرف يوريا جو ڳاٽي ٽوڙ ريٽ وڌايو ويو آهي جنهن سان آبادگار سخت مالي مشڪلات جو شڪار بڻجي ويا آهن نيازي سرڪار اين ايف سي شئير مان سنڌ جي حصي جو ٿيندڙ فنڊ مان غير قانوني ڏاڍ جي زور تي زبردستي فنڊ ڪٽي ڇڏيو آهي ته جئين سنڌ جي عوام خوشحال نه ٿي ۽ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم نه ڪرائي سگهي هن چيو ته اسين نيازي نااهل کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته سنڌ صوبي جي فنڊن ۽ حقن تي ڌاڙو ڪڏهن به هڻڻ نه ڏينداسون ۽ ڏاڍ جو مقابلو ڪري پنهنجا حق وٺنداسون هن چيو ته عمران نيازي شهيد راڻي جي نالي کان نفرت ڪندي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي احساس پروگرام جو نالو ڏئي جيڪا نفرت جي باهه جو اظهار ڪيو آهي اهو احساس پروگرام نه پر عوام کي تباهه ڪرڻ جو پروگرام کڻي نڪتل آهي هن چيو ته سنڌ حڪومت کي وفاق پاران هر حوالي سان جڪڙي هٿ پير ٻڌي ڇڏيا آهن ۽ سنڌ جي حصي مان تمام گهٽ پيسا ڏيڻ ڪري عوام ۾ ترقياتي اسڪيمون گهٽ ملڻ باوجود به اسين سنڌ جي هر ضلعي ۾ پيپلز پارٽي ضلعي ڪائونسل جي فنڊن مان يونين سطح تائين عوام کي اسڪيمون ڏئي رهيا آهيون ۽ بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي هن ٻڌايو ته هر دور ۾ بيروزگار نوجوانن کي صرف پيپلز پارٽي نوڪريون ڏنيون آهن مخالف سياسي پارٽين هميشه ماڻهن کي بيروزگار کسيو آهي پي پي واحد پارٽي آهي جنهن هميشه ماڻهن کي روزگار ڏنو آهي بابر علي خان لنڊ چيو ته اسان جو هي احتجاج اڄ اسلام آباد جي ايوان تائين آواز پهچي رهيو آهي جيڪڏهن اسان جي پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو حڪم ڪندو ته ضلعي گهوٽڪي جا باشعور پي پي ورڪر ۽ جيالا اسلام آباد ۾ نيازي سرڪار جو گهراءُ ڪرڻ ۾ اڳ ڀرا ۽ ثابت قدم هوندا ضلعو گهوٽڪي پي پي جو قلعو آهي ۽ رهندو هوڏانهن پي پي جي عوامي پاور شو جلسي کي غلام سرور عباسي ، شبنم ڀٽو ، وسيم ڏهر ، ڪامريڊ ڪڪو رام ، يوسف ڀٽو رفيق منگي، سڪندر لاکو، عاقب شاهه، منظور جلباڻي ، اظهر چنه ، اختيار ڪلوڙ ، مختيار دايو ، عدالرشيد قادري ، عبدالله شاهه ، غلام نبي وسير ، حمزه خان سندراڻي، عبدالمجيد لاکو، حسن ڪلادي، الهڏايو ڪنڀر ، سردار شڪيل خان راڄڙي، سيد حسن شاهه، جميل احمد لغاري، ڪوڙو خان گبول، غلام حسين بوزدار، اڪبر دايو، محمد علي شيخ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو