ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ منگھو پير جي علائقي ھمدرد يونيورسٽي ندي جي ڀرسان اڻڄاتل ماڻھن جي فائرنگ ۾ 40 سالن جو سيد رسول ولد غلام رسول قتل ٿي ويو، پوليس پھچي مقتول جو لاش ڪارروائي لاءِ عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي .
120