132

بلوچستان ۾ مخالف ڌر وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ مخالف ڌر وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. 16 ميمبرن جي صحيح سان بي اعتمادي واري رٿ بلوچستان اسيمبليءَ جي سيڪريٽريءَ وٽ جمع ڪرائي وئي آهي. مخالف ڌر چيو آهي ته  وڏي وزير ڄام ڪمال جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ان تي کيس حڪومت ڪرڻ جو حق ئي نه آهي. اسين ميمبرن جوگهربل انگ اڃان سامهون نه پيا آڻيون پر  بي اعتمادي رٿ اچڻ وقت سمورا ميمبر پورا ٿي ويندا. ٻي پاسي بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ آڻڻ مخالف ڌر جو حق آهي پر کين ناڪامي ئي ملندي، وٽن ميمبر به پورا نه آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو