112

ڪورونا سبب عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيو: شوڪت ترين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ڪورونا سبب عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيو، مهانگائي رڳو پاڪستان نه پر سڄي دنيا ۾ وڌي آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي جي وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ڪورونا وبا سبب شين جي پهچ جو نظام متاثر ٿيو، هارين کان ريٽيلر تائين قيمتون مقرر ڪري رهيا آهيون، احساس پروگرام جي ڊيٽا اچي وئي آهي، کنڊ لاءِ ڪيش ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏينداسين ۽  هِن سال مهانگائي جي شرح 8 سيڪڙو تائين هوندي، هن چيو آهي هتي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اٽي جا اگهه گهٽجي ويندا،  ماضي ۾ زراعت جي شعبي تي ڌيان نه ڏنو ويو، اٽو، گيهه، کنڊ ۽ دالين تي ڪيش سبسڊي ڏينداسين ۽ هن کان اڳ گيس ۽ بجلي تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيندا هئاسين، شوڪت ترين چيو آهي ته کنڊ في ٽن 430 ڊالر تائين پهچي ويو، غريبن کي وڌيڪ سبسڊي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هلندڙ مهيني ڪامياب پاڪستان پروگرام جو آغاز ڪيو آهي، ماڻهن جي آمدني وڌائڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏيون پيا، پوري دنيا ۾ ڪجهه سالن جي دوران قيمتون وڌيون آهن، آءِ ايم ايف ۾ وڃڻ سان روپيي جي قدر گهٽ ٿي، هن چيوته مونکي پورو يقين آهي ته عمران خان مونکي سينيٽر منتخب ڪرائيندو، ايف بي آر کي چوندس ته ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو