ليکڪ: طفيل مگسي
ٿانون جي ايجاد کانپوءِ عورت جي محنت ۾ کوٽ اچي وئي، ڇوته اها هاڻي انهن ٿانون ۾ شيون محفوظ ڪري رکڻ لڳي ۽ ان کانپوءِ ئي اٽو پينهڻ ۽ کاڌو پچائڻ ممڪن ٿيو، هينئر تائين ڪيترن ئي معاشرن ۾ ٿانو عورت سان منسوب آھن، ڪيترن ئي ديومالائي قصن ۾ ٿانون ۽ باهه جي دريافت عورت سان لاڳاپيل آھي.ان کانسواءِ به ٻيون ڪافي شيون آھن ته جن بابت يقين سان نٿو چئي سگهجي ته اهي مڪمل طور تي عورتن جون ايجادون آھن.مثال طور عورتن جي قبرن مان جيڪي شيون مليون آھن انهن ۾ ڏاثو.اٽي پينهڻ جو پٿر.چمچا وغيره شامل آھن.يونان کان وٺي چين تائين ديو مالائي قصن ۾ عورت کي زراعت ۽ ڪپڙو اڻڻ جو باني قرار ڏنو ويو آھي.گهرن جي تعمير ڳوٺن کي آباد ڪرڻ ۾ به عورتن جي سرگرمين جو وڏو هٿ آھي.ان جي ڀيٽ ۾ پٿرن کي ڀورڻ.انهن مان هٿيار ٺاھڻ.ٻيڙيون ٺاھڻ وغيره مردن جا ڪم هئا.انهن ٻنهي ڪمن جي فرق جي ڪري عورت ۽ مرد جي ڪردارن ۾ فرق اچي ويو.عورت تخليق.پيدائش ۽ زندگي جي نشاني بڻجي وئي ته مرد تشدد.سختي ۽ موت جو سامان بڻجي ويو.جيئن ته زراعت عورت جي ايجاد هئي.ان ڪري زرعي معاشري ۾ عورت زرخيزي جي نشاني بڻجي وئي.جهڙي ريت زمين انسان کي پيداوارجي وسيلي خوراڪ ميسر ڪري ٿي بلڪل اهڙي ريت عورت ٻار کي جنم کي ڏئي انساني آبادي ۾ واڌارو ڪري ٿي.ان ڪري عورت هرهنڌ زرخيزي جي ديوي بڻجي اڀري.پراڻن زمانن ۾ جڏھن به ڏڪار ايندو هو ۽ زمين ٺوٺ بڻجي ويندي هئي ته ان وقت عورتون ئي مختلف رسمون ادا ڪنديون هيون جن ۾ مردن جي شموليت نه ٿيندي هئي.عورت ۽ زندگي جو تعلق ان قدر ويجهو هو جو مرڻ واري کي دفن ڪرڻ جي لاءِ قبر ۾ ان ريت ليٽائيندا آھن ڄڻ اھو ماءُ جي رحم ۾ ھجي ،شروعاتي زراعتي زماني ۾ عورت جي ان اهميت جي ڪري ماءُ وارو معاشرو قائم رهيو ۽ عورتون قبيلن جون اڳواڻ ھيون. انهن جي نالي سان نسل هلندا رهيا.هنن جون وارث ڇوڪريون هونديون هيون.ڇوت پيءُ جي باري ۾ ڪو پتو ئي نه هوندو هو.ان ڪري ماءُ جي ذريعي سان ئي خانداني سلسلو هلندو هو.زمين ۽ گهر گڏيل ملڪيت هوندا هئا.معاشري ۾ ڀيڻ ڀاءُ جو رشتو مضبوط هوندو هو.ڇاڪاڻ ته مڙس ٻئي قبيلي مان ايندو هو.ان ڪري هو ويڳاڻو هو.عورتون ڪيترائي مڙس رکنديون هيون ڇو ته ان وقت هڪ مڙس سان رهڻ جي روايت نه هئي، ان ڪري ان دور ۾ جيڪي مذھبي عقيدا ۽ روايتون پيدا ٿيون انهن ۾ وڏو درجو ديوين جو هو.يونان جي وڏي ديوي ارٽيمز هئي.جيڪا بعد ۾ ڊيانا بڻجي وئي، هندستان ۾ ھولي جو ڏڻ ان دور جي ياد آھي جڏھن عورت قبيلي جي اڳواڻ ھوندي هئي. هاڻي وقت جي تبديلي جي سبب مردن ان جي رسمن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو آھي.پر اهو مرد جيڪو باهه جي چوڌاري هلي ٿو اهو عورتن جو لباس پائي ٿو.بنگلور ۾ موگا جي سالياني ڏڻ جي موقعي تي رسمن ۾ شريڪ اڳواڻ کي عورتاڻو لباس پائڻو پوي ٿو.ان ريت ٻين ڪيترين ئي رسمن ۾ مرد عورتاڻو لباس پائي پراڻين روايتن کي زنده رکي ٿو.هندستان ۾ وڻن جا خاڪي پن ديوي ماتا سان منسوب ٿيندا هئا ۽ اتي مردن جو وڃڻ منع هو. پر ستم ظريفي اها ته هينئر اتي عورتن جو وڃڻ منع آھي، جيئن جيئن نيون ايجادون ٿينديون رهيون. معاشري جي ڍانچي ۾ به تبديلي ايندي رهي ۽ عورت ۽ مرد جا لاڳاپا بدلبا رهيا، شروعاتي زماني ۾ عورت کرپي سان زمين کوٽيندي هئي ۽ ٻج ڇٽيندي هئي ۽ ان ريت زراعت تي ان جو قبضو هو پر جڏھن هر ايجاد ٿي ويو ۽ ان کي جانورن جي ذريعي هلايو ويو ته ان کانپوءِ فصلن تان عورتن جي اجاره داري ختم ٿي وئي.۽ ان سان گڏ ماءُ وارو نظام ڪمزور ٿيو ۽ ان جو سماجي رتبو به گهٽجي ويو. ڌاتن جي زماني ۾ انهن کي پگهرائڻ جو ڪم مرد ڪندا هئا، انهن مان اوزار ۽ ھٿيار بنائڻ جو ڪم ۽ پوءِ انهن کي استعمال ڪرڻ به مرد جي حصي ۾ آيو.ان ڪري سندن اهميت وڌي وئي ۽ انهن جو سماجي مرتبو مٿاهون ٿيندو ويو، ڇوته هٿيارن جو مالڪ ھئڻ جي ڪري انهن ۾ طاقت جو احساس پيدا ٿيو ۽ ان احساس سان گڏ هنن عورت کي دٻائي رکڻ شروع ڪيو، ان لاءِ جيتوڻيڪ ڌاتن جي زماني ۾ انساني تهذيب ۽ تمدن ۾ ترقي ٿي پر ان جي نيتجي ۾ جنگ ۽ جدل جي شروعات ٿي.معاشرو طبقن ۾ ورهائجي ويو.۽ گڏ ئي عورتن جو استحصال ٿيڻ لڳو.معاشري ۾ اڳتي هلي نجي جائيداد جو ادارو مضبوط ٿيو ۽ ان سان گڏ ئي لکڻ، پڙھڻ، حڪمراني جا دستور ۽ رياست جا ادارا وڌيا ويجهيا ۽ ان ريت مرد جو تسلط معاشري ۾ مڪمل ريت قائم ٿي ويو ۽ ان کي جسماني طاقت سبب عورت تي فضيلت حاصل ٿي وئي، ڇوته جاگيرداراڻي زماني ۾ جسماني طاقت جي وڌيڪ ضرورت هئي.جنگين، زراعت ۽کاڻين لاءِ سخت محنت ڪرڻي هوندي هئي.ان ڪري عورت لاءِ اهو تاثر قائم ٿيو ته اها جسماني طور تي ڪمزور آھي. (هلندڙ)