ليکڪ: ”راز“علي گل ڀٽو
1903ع ۾تعلقي جو جو درجو رکندڙ ۽ 50 ھزارن کان مٿي آبادي رکندڙ گمبٽ شھر خيرپور ميرن واري ضلعي جو ٻيو نمبر وڏو شھر ۽ سب ڊويزن آھي، ھي شھر پنھنجي مدد پاڻ تحت صحت ۽ تعليم جي مد ۾پاڻ ڀرو رھيو آھي، 1980ع واري ڏھاڪي ۾ ھن شھر کي مييونسپالٽي جو درجو مليو جيڪا ضلعي جي ٻيو نمبر ميونسپالٽي ھئي، ان وقت به شھر صفائيءَ جي لحاظ کان مثالي حيثيت رکندو ھو، ٿوري عملي سان به ڏينھن ۾ ٽي دفعا صبح، منجھند ۽ سانجهيءَ جو ٻھاري ايندي ھئي، اسر ويل روزانو ھر گھٽي ۽ روڊ تي ڇڻڪار ڪيو ويندو ھو، نالين جي ڪنارن سان چونو ۽ جيت مار دوائون ھاريون وينديون ھيون، سال ۾ ٻه ڀيرا مليريا جو ڦوھارو ڪرايو ويندو ھو، سڄي شھر ۾ سڄو ڏينھن واٽر سپلاءِ جو پاڻي موجود ھوندو ھو، جيڪو 30 سالن کان بند ڪري، ڪروڙن جون لوھيون لائينون زمين اندر پوريون ويون آھن، شھر جون گھٽيون، روڊ، چؤسول ڪشاده ۽ ويڪرا ھوندا ھئا، جيڪي سرڪار ۽ شھرين پاران دڪان ۽ ڇپرا ٺھرائي سوڙھا ڪري ختم ڪيا ويا آھن، دڳ دڳ تي بسن، ويگنن، ڪارن، ڪيرين، چنگجين ۽ ريڙھن جا اڏا ۽ مرڪز ٺھي ويا آھن، جنھن ڪري شاگردن، بيمارن ۽ عام شھرين جو گذرڻ نھايت ئي مشڪل ٿي ويو آھي، تعليمي ادارن جي گھڻائي، صحت جي سرس سھولت ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾مسلسل واڌ اچڻ سان پيدل ھلندڙن ۽ گاڏين جي اچ وڃ جي ڪري پيهھ ۾ واڌ ٿي آھي، جنھن تي ضابطو رکڻ لاءِ ٽرئفڪ جو ڪو به انتظام ڪونھي، شھر ۾والار ۽ قبضا گيريءَ جو به وڏو آزار آھي، والار خلاف ڪڏھن ڪڏھن جي ڪارروائي بنا پوئيواريءَ جي ڪري ڪو اثر نٿي ڪري، جنھن ڪري نالي ماتر موجود شھري سھولتون به بي اثر ۽ بي فائدي ٿيو وڃن، 90ع واري بدامنيءَ واري ڏھاڪي ۾ گمبٽ ۽ ڀرپاسي جي ننڍن شھرن ۽ ٻھراڙين مان شھر ڏي وڏي لڏپلاڻ ٿي، جنھن ڪري به شھر جي محدود وسيلن ۽ سھولتن تي واڌو بار پيو، جنھن جي سنڀال نه ڪرڻ جي ڪري سمورو نظام ويھي ويو، خاص طور تي واٽر سپلاءِ، گندي پاڻيءَ جي نيڪال ۽ صفائيءَ جو نظام درھم برھم ٿي ويو آھي، جنھن جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪابه عملي ڪوشش ڪانه پئي ٿئي، چونڊيل نمائندن ۽ سرڪاري عملدارن جي انھن مسئلن ڏانھن ڪن لاٽار سبب شھري سھولتن وارو نظام ڀڄي ۽ ڀري رھيو آھي، ٻئي طرف نشي پتي جي ڌنڌن ۽ رولو ڪتن جي آزار طرف به مقامي انتظاميا جو ڪو ڌيان ۽ روڪ ٽوڪ ناھي، خاص طور تي بلدياتي ادارن جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ جڏھن کان اختيار تعلقي ۽ ضلعي انتظاميا کي منتقل ٿيا آھن تڏھن کان لاپرواھي ۽ بي حسيءَ جي حد ٿي وئي آھي، ايتريقدر جو عملدارن آفيسن ۾ ويھڻ ڇڏي ڏنو آھي، روينيو عملدار پنھنجي کاتي جي ڪمن لاءِ به سائلن کي مھينن جا مھينا رلائيندا آھن، مٿان وري ٽن چئن مڪاني ادارن جون ذميواريون سنڀالڻ سندن وس جي ڳالھه ئي ناھي، گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ تازو تيار ڪيل نظام به اڃا تائين بي لاڀ بند پيو آھي، هن وقت صرف ھڪ مشين سڄي شھر جو گندو پاڻي نيڪال ڪري رھي آھي، جيڪا پڻ عارضي ۽ ناڪافي آھي، شھر جي مڪاني نظام کي ڪراچي ۽ خيرپور مان ھلايو پيو وڃي، جنھن لاءِ عوام جا اھنج ڏينھون ڏينھن گھٽجڻ بدران وڌي رھيا آھن، ھيڏي وڏي شھر لاءِ ڪابه تفريحي جاءِ ڪانھي ڪا، ڪو پارڪ ڪا واڪنگ پٽي ڪانھي ڪا، شھر جي وچ ۾ ڦول باغ نالي ھڪ سٺو باغيچو ھو، جتي شھري صبح شام تفريح ۽ وندر ڪندا ھئا، جنھن کي پڻ ميونسپل عملدارن ڪن ڌنڌوڙين جي صلاح سان چوڌاري دڪانن جو لوڙھو ڏياري سڪائي سوڙھو ڪيو آھي، ڦول باغ ھاڻي رڳو ڪجهه ويسن تي ٻڌل ڇٻر وارو پلاٽ وڃي بچيو آھي، جتي ٻي سھولت ته ٺھيو پر تازي ھوا به ڪانه ٿي ملي، شھر مان گذرندڙ ابل واهه شھر جي سونھن ۽ سھولت ھو، جنھن جا ڪنارا پڻ قبضاگيرن جي قيد ۾ آھن، جيڪي سپريم ڪوٽ جي حڪمن کان پوءِ به خالي نه ڪرايا ويا آھن، جنھن سان عوام جو اچڻ وڃڻ محال ٿي پيو آھي، سڄي شھر جو گندو پاڻي پڻ واهه ۾ لاھي ان کي گٽر ۾ تبديل ڪيو ويو آھي، جتي شھري پڪنڪون ڪندا ھئا اتان ڪو ھاڻي گرڙي ڪرڻ به پسند نٿو ڪري، ابل واهه جي صفائي نه ٿيڻ ڪري گند گاهه ڦٽڻ ۽ مٽي پوڻ جي ڪري ھيءَ واهه مان اڏ ٿي ويو آھي، ڪنارن جي ڪشادگي نه ھجڻ ڪري ابل واهه پنھنجي رونق ۽ اھميت وڃائي رھيو آھي، شھر جي رستن جي حالت اهڙي آھي جو اسپتال کان پراڻي مارڪيٽ وارو روڊ، سبزي منڊيءَ کان پراڻي مارڪيٽ وارو روڊ، ايڪسچينج پويان غريب آباد واري گھٽي، ڪسان ڪالوني واريون گھٽيون، فلور مل کان کھڙا گيٽ تائين وارو روڊ، وڏي پل کان پير پاڙي وارو روڊ ته ھلڻ جي قابل به ناھن، خاص طور تي مينھوڳيءَ ۾والي وارث نه ھجڻ ڪري حادثا معمول آھن، تعليم ھر شھريءَ جو بنيادي حق آھي ۽ تعليم ۾ لائبريرين جو ڪردار نھايت اھم آھي، شھر ۾ھونئن ته 3 لائبريريون آھن، جيڪي ڪتابن، اخبارن ۽ عملي جي کوٽ ھجڻ سبب بي لاڀ بند پيون آھن، جن ۾ استاد مرحوم محڪم الدين پنھور لائبريري، بن خالد ميونسپل لائبريري ۽ سيد علي گوھر شاهه بخاري پبلڪ لائبريري قابل ذڪر آھن، جيڪي ابتدائي ۽ اعليٰ تعليم ۾ نوجوانن جي سنوار ۾وڏو اھم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿيون، جڏھن لائبريريون آباد ٿينديون ته جيل، ٿاڻا، ھوٽل ۽ مئخانا ويران ٿيندا، ٻئي پاسي شھر ۾ ٽرئفڪ جو نظام ته آھي ئي ڪونه، ان اڻھوند ۾ شاگردن، مريضن ۽ عورتن جو سلامتيءَ سان اچڻ وڃڻ محال رھي ٿو، خاص طور تي صبح ۽ منجھند جو اسڪول ۽ ڪاليج کلڻ ۽ بند ٿيڻ وقت خلق جي وڏي پيهھ سبب حادثا ۽ وقت جو وڏو زيان ٿئي ٿو، اڪثر ڪري نيشنل بئنڪ چؤسول، شيخ چؤسول، ڀٽائي چؤسول، اسپتال چؤسول ۽ باءِ پاس وڏا مصروف چؤسول آھن، باءِ پاس چؤسول، روھڙي ڪئنال ۽ ريلوي ڦاٽڪ مٿان پل جي سخت ضرورت آھي، جنھن سان وقت بچائي ۽ حادثن کان بچي سگھجي ٿو، مھانگائي جي ھٿرادو واڌ کي روڪڻ لاءِ ٻين شھرن وانگر گمبٽ جو به ڪو والي وارث ڪونھي، عوام کي نفعي خورن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي، شھر ۾داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ لاءِ صرف ٻه رستا آھن، شھر کي ٻاھرئين ٽرئفڪ جي دٻاءَ کان بچائڻ لاءِ اتر ۽ ڏکڻ کان ٻن باءِ پاسن جي گھرج آھي، جنھن سان شھر جي اندروني رستن تان ٽرئفڪ جو دٻاءَ گھٽبو ۽ حادثا به گھٽبا، سرڪاري انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ جهڙي دلچسپي شھري مسئلن جي حل لاءِ به وٺن ته مسئلا مسئلا نه رھن،عوام به سکيو رھي ۽ چونڊيل نمائندن جي به واهه واهه ٿي پوي، پر خبر ناھي ته ايئن ڪير نٿو چاھي؟