ليکڪ: مظهر عباس
افغانستان ۾ طالبان جي فتح کانپوءِ ڪجهه ملڪ ته ان لاءِ پريشان ٿي ويا ته کين افغانستان ۾ ذلت ۽ رسوائي کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ان رسوائي ۾ وڌيڪ اضافو به ٿي سگهيو ٿي جيڪڏهن پاڪستان سندن هٿ نه پڪڙي ها، مغربي ملڪن لاءِ انتهائي پريشان ڪندڙ لمحن ۾ پاڪستان پنهنجي روايتي فراخدلي جو مظاهرو ڪيو، مشڪل ترين حالتن ۾ مغربي ملڪن جي سهولتڪاري ڪندي سندن شهرين کي ڪابل مان حفاظت سان ڪڍيو، آمريڪا ۽ برطانيا سميت ڪيترائي ملڪ پاڪستان جا ٿورائتا ٿي ويا، انهن مان ڪجهه شڪرگذاري جو عملي مظاهرو ڪرڻ لاءِ پاڪستان اچي حاضريون لڳرائيندا رهيا، پاڪستان جي عسڪري ۽ سياسي قيادت انتهائي اهم بڻجي وئي، گڏيل قومون درخواست ڏيندڙن ۾ شامل ٿي ويون، ان سموري صورتحال ۾ هڪ ملڪ لڳاتار روئندو رهيو، ان جي ميڊيا به دانهون ڪندي رهي، جنهن ڏينهن صبح سوير جنرل فيض حميد ڪابل ۾ قدم رکيو ان ڏينهن ته هندستان جي پريشاني ناقابل بيان هئي، جيتوڻيڪ جنرل فيض حميد اهو دورو طالبان شوريٰ جي دعوت تي ڪيو هو، اها ڳالهه به صحيح ته جڏهن ماڻهو ڪابل مان ڀڄي رهيا هئا هر طرف خطرا ئي خطرا هئا، انهن حالتن ۾ ڪا به غير ملڪي اهم شخصيت ڪابل وڃڻ جو سوچي به نٿي سگهي، اهڙين مشڪل حالتن ۾ هڪ پاڪستاني جرنيل همٿ ڏيکاري ۽ اهو ڪابل هليو ويو، ممڪن آهي هن اتي بابر بادشاهه جي مزار تي حاضري ڏني هئي ۽ پنهنجي جد امجد کي ٻڌايو هجي ته اوهان جا پٽ اڄ به بهادري جا مثال قائم ڪري رهيا آهن، پاڪ فوج جي جرنيل ڪابل ۾ چانهه جو ڪوپ ڇا پي ورتو پوري ڀارت ۾ باهه لڳي وئي. هونئن به چانهه واريون تصويرون ڀارت جي چڙ بڻجي ويون آهن، اهي ته اڃا تائين اڀي نندن جي چانهه جو ذائقو نه وساري سگهيا هئا ته مٿان هڪ ٻي چانهه واري تصوير ڪابل مان اچي وئي، ڇو ته انڊيا ۾ چانهه وارو وزيراعظم آهي ان ڪري چانهه سان ئي سڄي ملڪ جي پريشاني ۾ واڌ ٿئي ٿي، آمريڪي ته بس پنهنجي هار ۽ سرمائي لٽجڻ تي پريشان آهن پر ڀارت ڪيترن ئي حوالن سان پريشان آهي. چانهه ته صرف هڪ حوالو آهي، کربين ڊالر ٻڏڻ تي ڀارت جا ڳوڙها نٿا رڪجن، سندن دادلو اشرف غني ڀڄي ويو، دنيا پاڪستان جون تعريفون ڇو ڪري رهي آهي؟ ڪيترن ئي اهم ملڪن جا ذميوار فرد پاڪستان جا دورا ڪري رهيا آهن ۽ اسان کان ڪو پڇي به ناهي رهيو، ڀارتي رياست سوچي ٿي ته جتان سندن ماڻهو جان بچائي ڀڄي آيا، هڪ پاڪستاني جرنيل اتي وڃي چانهه جون چسڪيون وٺي رهيو آهي.پاڪستان ۾ به ڪجهه سياسي پارٽيون جن جي مٿي تي ڀارت جو ڀوت سوار رهي ٿو انهن کي به نانگ سنگهي ويو آهي، اهي ته ڪجهه ڳالهائي ئي ناهن رهيا، ڪجهه جون ته آسون ۽ اميدون ان قدر ٽٽيون آهن جو سندن ماڻهو هاڻ ٻين پارٽين ۾ جاءِ ڳولهي رهيا آهن، ٻه چار ماڻهن ته مون خاڪسار سان به رابطو ڪيو آهي ته ڪهڙي طريقي سان اسان جي جاءِ ٺهرائي ڏي، هڪ ڪابل خبر ناهي ته ڪنهن ڪنهن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. افغانستان جي تازي صورتحال تي اسان جا ڪجهه ديسي لبرلز يعني ميڻ بتيءَ جا لبرلز گهڻا پريشان آهن ته افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ کانپوءِ عورتن جو ڇا ٿيندو؟ ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ عورتن جي حقن جي پريشاني گهڻي حد تائين کين لاحق آهي. ڪاش هي ماڻهو افغان عورتن ۽ ٻارن تي ٿيندڙ بارود جي بارش تي به پريشان ٿين ها، انهن کي ڪشميري عورتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ستم تي عورتن جا حق ياد نٿا اچن، انهن کي ان وقت به عورتن جا حق ياد نه نٿا اچن جڏهن اسرائيلي فوجي فلسطيني عورتن جي بيحرمتي ڪن ٿا، انهن کي ماريو وڃي ٿو، فلسطين ۾ ٻارن تي ٿيندڙ ظلمن تي به حقن جا هي ٺيڪيدار خاموش رهن ٿا. کين، شام، عراق، ليبيا ۽ يمن جون اهي عورتون ياد نه ٿيون رهن جن جي ٻارن کي سندن سامهون ماريو وڃي ٿو. جن تي بيوسي جي عالم ۾ ظلم ڪيو وڃي ٿو، انهن کي خوراڪ ۽ دوائن لاءِ تڙپندڙ عورتن تي به عورتن جا حق ياد نٿا اچن، انهن کي ان وقت افغان عورتن جا حق ياد نه اچي سگهيا هئا جڏهن کين بي گهر ڪيو ويو، جڏهن سندن گهٽين موت لاٿيو ويو ۽ جڏهن انهن جي گهر تي قبضا ڪيا ويا، اسان جا ديسي لبرلز عورتن جي حقن جي حوالي سان فلسطين، ڪشمير، عراق، شام ۽ يمن ته وسري وڃن ٿا، کين انڊيا ۽ آمريڪا ۾ اهي عورتون به ياد نه ٿيون اچن جن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، عورتن تي ظلم ۽ زيادتي جي حوالي سان پهريون 2 پوزيشنون انهن ٻنهي وٽ آهن پر ميڻ جا هي لبرلز انهن سمورن حقن تي خاموش رهن ٿا ۽ انهن جي اها خاموشي منافقت نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ منهنجي آڏو مغربي ملڪن جي فردن جي هڪ تصوير آهي اها هڪ اهم ڪانفرنس ٿي رهي آهي، ان ۾ افغانستان جي تازي صورتحال ۾ عورتن جي حقن تي غور ٿي رهيو آهي، عورتن جي حقن لاءِ ٿيندڙ ان ڪانفرنس ۾ ڪا هڪ به عورت شريڪ ناهي، اهو ته حال آهي اسان جي ديسي لبرلز جي حسين آقائن، باقي اوهان پاڻ سمجهدار آهيو ته هي ماڻهو ڪهڙين ڳالهين کي عورتن جا حق چون ٿا. جن عورتن جي حقن لاءِ عالمي ٺيڪيدار پريشان آهن، عورتن ڪابل ۾ طالبان جي حق ۾ مظاهرو ڪري سڀني کي چماٽ هنئي آهي.