ليکڪ: علي محمد ميمڻ
سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ جي عظيم شاعر، اديب ۽ صحافي شمشير الحيدريءَ جي 90 هين سالگرهه اڄ 15 سيپٽمبر 2021ع تي ملهائي پئي وڃي ۽ ان موقعي تي شمشير صاحب جي شاعري جي وڏي ذخيري تي ٻڌل پهريون ضخيم ڪتاب” تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو …!“ ڪليات شمشير جي صورت ۾شائع ڪيو ويو آهي ۽ ان جو مهورت پڻ ڪيو پيو وڃي، شمشير صاحب يقينن هڪ غيرمعمولي انسان هو جيڪو پنهنجي دور ۽ هڪ صدي اڳتي جي دور جو مفڪر هو. پنهنجي وصف ۾هو هڪ سرواڻ، علم۽ ادب جو روشن ڏيئو ۽ ادارا ساز شخصيت هو. ڪيترن ئي سماجي جاڳرتا وارن علمي ادارن جو پايو وجهڻ ۽ڪيترن ئي قومي ادارن کي سگهارو ڪرڻ جهڙا ڪارناما شمشير جا ئي اثاثا آهن، سندس تحريرن، ٽي وي ڊرامن، صحافت، فن ۽ هنر جي تلوار هميشه رڪ وهندي راند هئي، سندس وار وڄن وانگر وراڪا ڏيندڙ هئا. شمشير الحيدري جو پورو نالو شمشير علي خواجا هو. سندس جنم 15 سيپٽمبر 1931ع تي ڪڍڻ ضلعي بدين ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم بدين مان حاصل ڪئي، وڌيڪ تعليم وٺڻ لاءِ 1948ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان هڙتال ڪرائڻ جي الزام ۾ کيس اسڪول مان ڪڍيو ويو، 1950ع ۾ تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڳوٺ موٽي آيو ۽ مئٽرڪ ڪري نه سگهيو، ڪجھه وقت کانپوءِ وري تعليم وٺڻ شروع ڪيائين. ڪجهه وقت اين جي وي اسڪول ڪراچي، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ لارينس اسڪول ٽنڊي باگي ۾ پڙهيو. سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان بي اي ۽ پوءِ 1963ع ۾ ايم اي (سنڌي ادب) ۾ ڪيائين. ايم اي آخري سال لاءِ هن ”پوئٽ فار آل ٽائمز ۽ سنڌ جي آزاد شاعري“ جي عنوان سان مونوگراف لکيو. ان کان سواءِ ديني تعليم حاجي احمد ملاح جي مدرسي بدين مان حاصل ڪيائين، شمشيرالحيدري سگا جو پهريون ۽ بنيادي ميمبر هو، 22 فيبروري 1971ع تي ڪيفي نيويارڪ ڪراچي ۾ سندس ميزباني ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ سائين بخش عباسيءَ جي ساٿ سان سگا جو بنياد رکيو ويو ۽ مول متا طئي ڪيا ويا. ٻي گڏجاڻي 6 اپريل 1971ع تي ٿي، جنهن ۾سگا جي پهرين تنظيم سازي ڪئي وئي ۽ شمشير الحيدري کي عبوري باڊي جو سيڪريٽري جنرل نامزد ڪيو ويو، شمشير صاحب ، سگا جي روشن تارا اسڪولن جي سرشتي جو پهريون ائڊمنسٽريٽر ۽ ماحوليات بابت سگا جي رسالي ‘حياتي’ جو باني ۽ ايڊيٽر رهيو، شمشيرالحيدري سنڌي ادبي سنگت جي بنياد وجهندڙن مان هو. 1956ع ۾ سيڪريٽري جنرل مقرر ٿيو. هيءُ پهرين شخصيت هو، جنهن مسلسل 10 سال ان عهدي تان سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪئي، هن تنظيم کي منظم ڪيو. هن سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي بنيادي مسئلن لاءِ آواز اٿاريو، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو جائز مقام ڏيارڻ لاءِ مختلف ادارن جو قيام ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ريڊيو، ٽيليويزن، تعليمي ادارن ۽ روڊن رستن تي استعمال شامل آهن.. شمشير صاحب 1993ع کان 1995ع تائين ٻه سال سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. بيشڪ ! صحافت، علم ۽ ادب جي سرواڻ شمشير الحيدري جي زندگي، سندس علم ۽ عملي جدوجهد حيرت انگيز رهي، جيڪا صدين تائين معاشري کي رهنمائي، ساڃهه ۽ روشني مهيا ڪندي رهندي، اڄ اسين جنهن پاسي نظر ڊوڙايون ٿا هر پاسي شمشير جا روپ ۽ جرئت وارا ساٿي موجود آهن، ڄڻ ته شمشير جي خوشبوء ۽ ڏات، ماڻهن جو روپ ڌاري اچي حاضر ٿي آهي، شمشير الحيدري جي زندگي، علم، فن ۽ ڏات جي حسن جي پرستارن سان هونئن ته دنيا ڀري پيئي آهي پر هن حيدري کي هن دنيا ۾ پنهنجي حصي جا جيڪي ڪم ڪرڻا هئا ، ڏيئا ٻارڻا هئا ۽ مشعلون روشن ڪرڻيون هيون سي خوب ڪيون.