152

چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري خلاف درخواست رد، آئيني ترميم چئلينج نٿي ڪري سگهجي: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي مقرري خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ ۾ قائم مقام چيف جسٽس جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي مقرري خلاف داخل ڪيل درخواست خارج ڪري ڇڏي، قائم مقام چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ هن وقت ڪو حاضر سروس جج آهي؟، جنهن تي درخواست ڪندڙ علي عظيم آفريدي ٻڌايو ته هن وقت ڪو به حاضر جج سروس ناهي، قائم مقام چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اوهان چئو ٿا ته رٽائرڊ بيوروڪريٽ کي چيف اليڪشن ڪمشنر نه ٿو لڳائي سگهجي، ڇا اوهان نيب چيئرمين مقرري ڪيس جو فيصلو پڙهيو آهي؟. چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ نيب چيئرمين جڊيشل آفيسر ناهن هوندا، آئين مطابق ڪنهن آئيني ترميم کي چئلينج نه ٿو ڪري سگهجي، پوءِ به توهان جي ڪوشش کي ساراهيون ٿا ته اوهان آئيني نقطو اٿاريو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو