144

اپوزيشن جا الزام رد، غريب آباد مان اسڪول نه پر گهر جو فرنيچر وٺي سگهجي ٿو: سردار شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه اطلاعات ۽ نشريات واري صوبائي سعيد غني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اپوزيشن جا الزام رد ڪندي چيو آهي ته غريب آباد مان اسڪول نه پر گهر جو فرنيچر وٺي سگهجي ٿو، اڃا ته هڪ به ڊيسڪ ناهي آئي، ماڻهو الاهي ڪهڙيون ڳالهيون ڪن پيا، حليم عادل شيخ جا الزام رد ڪيون ٿا، سردار شاهه وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پروڪيورمينٽ ڪاميٽي ۾ سٺن ماڻهن تي به تنقيد ٿيندي ته پوءِ ڪاميٽين ۾ اچڻ ڇڏي ڏيندا، جيڪڏهن ڪو اسڪول جي سستي بئنچ ڏئي رهيو آهي ته اهو ٻوليءَ ۾ حصو وٺي ته کيس ٽينڊر جاري ڪيو ويندو، جيڪڏهن حليم عادل شيخ ڀاءُ جي ڪمپني جو نالو نه ٻڌائيندو ته کيس عدالت ۾ وٺي ويندس. جڏهن ته اطلاعات واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ميڊيا ۾ الزام هنيو ويو ته  تعليم کاتي ۾ فرنيچر جي خريداري ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، اهو ٺيڪو منهنجي دور ۾ شروع ٿيو هو، اسڪول فرنيچر جي خريداري ۾ ڪيترن ئي اهم ماڻهن تي ٻڌل ڪاميٽي ٺاهي وئي هئي، آءِ بي اي سکر سميت مختلف ادارن جي سربراهن کي ڪاميٽي جو ميمبر بڻايو ويو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو