115

عدليه آزاد هجي پر قانون کان مٿي نه، ملڪيتن جو جواب ان کي به ڏيڻو پوندو: اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي، ترقي، خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته عدليه آزاد هجي پر قانون کان مٿي نه، ملڪيتن جو جواب ان کي به ڏيڻو پوندو. پاڪستان ۾ جمهوري ادارن جي بهتري لاءِ قدم کڻڻا پوندا.  اها ڳالهه هن يوم جمهوريت جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت جي مضبوطي لاءِ احتساب جو هڪ اهڙو نظام هئڻ گهرجي جو جيڪڏهن ڪو غلطي ڪري ته ان کي ڪٽهڙي ۾ آڻي سزا ڏئي سگهجي. آزاد ميڊيا کان سواءِ جمهوريت مڪمل نه هوندي آهي. هن چيو ته 2007ع ۾ عدليا جي حوالي سان مهم هلي ته ان وقت اسان به روڊن تي نڪتا هئاسين ۽ آزاد عدليه کان سواءِ جمهوريت جو تصور ئي نه آهي. عدليه آزاد هئڻ گهرجي پر قانون کان مٿي نه هئڻ گهرجي، ملڪيتن جو جواب عدليه کي به ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور ۾ ملڪ اندر جمهوريت مضبوط ٿي آهي ان ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي. ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 2013ع ۾ پرامن طريقي سان اقتدار منتقل ٿيو جمهوري دور مسلسل 13 سالن کان هلي رهيو آهي. هن چيو ته هن وقت ڪوڙين خبرن جي پکيڙ ۾  واڌ ٿي آهي، ان حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي، ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي تي سمورين واڳيل ڌرين کي گڏجي ڳالهائڻ گهرجي. هن چيو ته جمهوري ادارن جي استحڪام لاءِ وڌيڪ بهتري جي گنجائش موجود آهي. دنيا ۾ جمهوريت کي چئلينجن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ڪنهن سوچيو به نه هو ته ڪيپيٽل هل تي حملو ٿيندو. هن چيو ته 20 سالن کان دنيا ۾ جمهوريت جي ارتقا ڏٺي وئي آهي ته انتهاپسندي ۽ اسهپ ۾ واڌ ٿي آهي. اهڙا ملڪ جتي جمهوريت قائم آهي اتي اسان کي اهڙا منظر ۽ ڇڪتاڻ ڏسڻ ۾ ملي آهي جنهن جي باري ۾ اڳ ڪڏهن سوچيو به نه هو. هن چيو ته

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو