اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ميڊيا اٿارٽي بابت اسان جي آئيڊياز تي اتفاق نه ٿيو ته ان کي ڪڏهن به نه آڻينداسين. اها ڳالهه هن اسلام آباد ۾ سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ چئي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي ( پي ايم ڊي اي) تي اڃا تائين رڳو تجويزون آهن، جيڪڏهن تجويزون منظور ٿي ويون ته ٺيڪ، نه ته تبديل ڪنداسين. فواد چوڌري چيو ته اسان پرڏيهيه فريم ورڪ ڪتب آندو ۽ سڀني ڌرين کي چيو ته پنهنجي راءِ ڏين. هن چيو ته اسان جي آئيڊياز تي اتفاق نه ٿيو ته ان کي ڪڏهن به نه آڻينداسين، اسان تجويز ڏني آهي ته ميڊيا ۽ حڪومت تي ٻڌل 8 رڪني ڪميشن هئڻ گھرجي.
