112

تعليم کاتي کي هٿ وٺ تباهه ڪيو ويو آهي: حليم عادل شيخ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته تعليم کاتي کي هٿ وٺ تباهه ڪيو ويو آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 5 هزار واري ڊيسڪ 29 هزار ۾ خريد ڪئي وئي، سوال تي ڪو به جواب نه ڏنو ويو،  مون مجبور ٿي ساڳي بئنچ بازار مان 5 هزار ۾ خريد ڪري ميڊيا کي ڏيکاري، هن چيو ته 10 هزار اسڪول بند پيا آهن، جيڪڏهن اهي اضافي هئا ته پوءِ اربين رپيا ڇو خرچ ڪيا ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو