ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ لياري گينگ وار جي مک ڪردار عذير بلوچ کي جيل مان ميٺا رام اسپتال منتقل ڪري رينجرز جي تحويل ۾ ڏيڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي وفاقي حڪومت سميت سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، آءِ جي جيل ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري هڪ مهيني اندر جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه عذير بلوچ جي والده رضيه بيگم پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. درخواستگذار پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته منهنجي پٽ عذير بلوچ کي ميٺارام اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ ان مقصد لاءِ سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري 9 جون 2020ع تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو نوٽيفڪيشن موجب ميٺارام اسپتال کي سب جيل قرار ڏنو ويو آهي. درخواستگذار وڌيڪ موقف اختيار ڪيو آهي ته عملدارن پاران ميٺارام اسپتال کي سب جيل قرار لاءِ عدالت کان اجازت به ناهي ورتي. عذير بلوچ خلاف ڪيترائي ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن ۽ جنهن قيدي جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ هوندا آهن اهي جيل ۾ هوندا آهن انهن کي رينجرز جي تحويل ۾ نه ٿو رکي سگهجي. غير قانوني تحويل سبب قيدي جي شفاف ٽرائيل سميت ٻين حق متاثر ٿين ٿا.
121