141

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران رينجرز اهلڪار جي قتل ڪيس ۾ جوابدار کي عمر قيد سزا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ رينجرز اهلڪار مقصود علي کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ماتحت عدالت پاران جوابدار رينجرز اهلڪار علي مرتضيٰ کي ٻڌايل موت واري سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل جوابدار پاران ماتحت عدالت جي فيصلي خلاف داخل ڪيل اپيل جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ٻڌڻي دوران ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته سپاهي علي مرتضيٰ ڀٽائي ونگ جي بيرڪ 63 ۾ سپاهي مقصود علي تي فائرنگ ڪري ڏني هئي جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو هو جنهن کي آغا خان اسپتال نيو ويو پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. جوابدار علي مرتضيٰ کي ماتحت عدالت ڊسمبر 2019ع ۾ موت ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو