136

عوام کان روزگار کسيندڙن کان جواب ورتو ويندو: عبدالباري پتافي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي لائيواسٽاڪ ۽ فشريز جي وزير انجنيئر عبدالباري خان پتافي  جمھوريت جي عالمي ڏينھن تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آھي ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ پاڪستان جي  غيور عوام کي استحالي قوتن کان ھميشه لاءِ ڇوٽڪارو ڏيارڻ واري مشن تي ڪاميابي سان ڪم ٿي رھيو آھي جنھن ڪري اھي قوتون ھاڻ پريشان نظر اچي رھيون آھن. ھن چيو اسان جي پارٽي  روٽي، ڪپڙا اور مڪان واري پنھنجي منشور تي عمل پيرا آھي ان ڪري اسان عوام کان روزگار کسيندڙن کان جواب وٺنداسين. ھن چيو اھو وقت جلد اچڻو آھي جنھن تحت اسان عوام دشمن قوتن کي بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ شڪست ڏينداسين.  ھن چيو ته جمھوريت لاءِ جيتري قرباني اسان جي پارٽي ڏني آھي تاريخ ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد راڻي جون لازوال  قربانيون جمھوريت خاطر ھيون  انشاءَ الله ملڪ جي عوام کي بدامني، مھانگائي، بک بيروزگاري جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ وارن جو احتساب ٿيندو ۽ ايندڙ اليڪشن ۾  اھي عوام کي منھن ڏيکارڻ جھڙا نه رهندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو