112

وفاقي حڪومت بجلي جا مهانگائي منصوبا آڻي رهي آهي: امتياز شيخ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر ۽ نيپرا چيئرمين کي خط لکي آءِ جي سي اي پي 2021ع کان 2030ع بابت تحفظات جو اظهار ڪندي ڄاڻايو آهي ته منصوبي سستي بجلي منصوبن جي اصولن تي عمل بدران مهانگا منصوبا شامل ڪيا ويا آهن جڏهن ته 50 کان 60 ملين ماڻهن تائين بجلي پهچي ئي نه ٿي. اهڙي صورتحال ۾ سستي بجلي جا منصوبا نظرانداز ۽ مهانگي بجلي جا منصوبو آڻڻ ڳڻتي جوڳو آهي. هن چيو ته 400 ميگاواٽ شمسي بجلي جي سستي بجلي منصوبي کي منظور نه ڪرڻ ناانصافي آهي. امتياز احمد شيخ خط ۾ چيو آهي ته سنڌ جا تحفظات ختم ڪيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو