ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ايڪس پي سي ايس گروپ جي 7 ڪامورن کي 19هين گريڊ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري طور ترقي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي. ڪجهه ڏينهن اڳ سليڪشن بورڊ ٽو جي اجلاس ۾ ڪامورن کي مٿين گريڊن ۾ ترقين جي منظوري ڏني وئي هئي. چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي . جنھن موجب انيس دستي، محمد علي شاهه، ذوالفقار خشڪ، مشتاق شيخ، جنيد سمون، واجد شيخ ۽ جنيد راجپوت ترقيون ملڻ بعد ايڊيشنل سيڪريٽري ٿي ويا آھن .
115