131

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال روڪڻ لاءِ درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي اڪلائي ڇڏي، عدالت درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.  عدالت فيصلي ۾  عدالت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال بابت پارليامييٽ مان قانون منظور ڪرائڻ به لازم قرار ڏنو  ۽ چيو آهي ته، چونڊن ۾ اي وي ايم جو استعمال اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال ڪو خلائي يا نئون ڪم نه آهي ، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اِي وي ايم استعمال ٿي رهي آهي، عدالت کي ڪو شڪ ناهي ته پارليامينٽ قانونسازي ڪندي سمورن خدشن جو جائزو وٺندي. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي پارليامينٽ جيڪو فيصلو ڪندي اهو عوام جي مفاد ۾ ٿيندو،  عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جِي ذميواري آهي، اي وي ايم خلاف درخواست وقت کان اڳ ۽ خدشن تي ٻڌل آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو