لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪومت ايندڙ چونڊن لاءِ ڊجيٽل ڌانڌلين جو منصوبو جوڙيو آهي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي زبردستي آڻڻ ان سلسلي جي ڪڙِي آهي، چونڊن سڌارن کانسواءِ پائيدار جمهوريت جو قائم ٿيڻ ممڪن ناهي، سراج الحق وڌيڪ چيو ته سمورين سياسي جماعتن کي گڏ ويهي پاڻ ۾ هڪ ڳالهه تي متفق ٿيڻو پوندو.
111