102

افغانستان غير مستحڪم ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيهر دهشتگردن جي لاءِ محفوظ ٺڪاڻو ٿي سگهي ٿو: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته طالبان سمورن ڌڙن کي ساڻ ڪرڻ بدران ڪا ٻي واٽ ورتي ته وڏو انساني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو، صورتحال پريشان ڪندڙ آهي. افغانستان غير مستحڪم ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيهر دهشتگردن جي لاءِ محفوظ ٺڪاڻو ٿي سگهي ٿو. آمريڪا جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي وڏو نقصان ٿيو، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو به شهيد ٿي. اربع ڏينهن آمريڪي نشرياتي اداري ”سي اين اين“ کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته آئون سمجهان ٿو ته افغانستان هڪ تاريخ جي ڏکيي چوواٽي تي آهي، اسان جي دعا آهي ته اهو 40 سالن کانپوءِ امن جي راهه تي هلي پوي، جيڪڏهن طالبان سمورن ڌڙن کي گڏ کڻي حڪومت ٺاهين ته اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته ان جي ابتڙ جيڪڏهن ٻيو رستو اختيار ڪيو ويو ته هڪ تمام وڏو انساني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو، وزيراعظم چيو ته افغانستان غير مستحڪم ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيهر دهشتگردن جي لاءِ محفوظ ٺڪاڻو ٿي سگهي ٿو، اسان اها اميد ۽ دعا ڪريون ٿا ته 40 سالن کانپوءِ هتي امن قائم ٿئي، تنهن هوندي به هن وقت افغانستان جي حوالي سان ڪا به اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ، ان لاءِ افغانستان کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران مدد ڪرڻ گهرجي، عورتن جي حقن بابت هڪ سوال تي هن چيو ته اهو سوچڻ غلطي آهي ته ٻاهران ويهي ڪو افغان عورتن کي حق ڏياري سگهي ٿو، افغان عورتون طاقتور آهن ۽ کين وقت ڏنو وڃي، افغان عورتن کي پنهنجي صلاحيتن موجب ڪم ڪرڻ جي آزادي هجڻ گهرجي، هن چيو ته پاڪستان ڪنهن ٻي جي جنگ وڙهڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شروع ۾ پاڪستان 50 لک افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني، انهن ۾ حقاني قبيلي جا ماڻهو به هئا، ان قبيلي جا ڪيترائي ماڻهو پاڪستان ۾ افغان پناهگير جي ڪيمپن ۾ پيدا ٿيا، آمريڪين کي حقاني نيٽ ورڪ جي باري ۾ معلوم نه هو ته اهو ڇا آهي، حقاني افغانستان جو پشتون قبيلو آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو ڪل بجٽ 50 ارب ڊالر آهي جيڪو 22 ڪروڙ ماڻهن تي خرچ ٿئي ٿو، پاڪستان ڪيئن وڌيڪ ڪنهن جنگ جي سٽ سهي سگهي ٿو، وزيراعظم چيو ته آمريڪا جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شموليت تي پاڪستان کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو، هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي 150 ارب ڊالر جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو هڪ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿي، وزيراعظم چيو ته نائين اليون کان پوءِ آمريڪا جو اتحادي ٿيڻ تي پاڪستان جي خلاف گهٽ ۾ گهٽ 50 ويڙهاڪ گروه حملا ڪري رهيا هئا، ان سڀني جي باوجود آمريڪا به پاڪستان تي 480 ڊرون حملا ڪيا، شايد ئي ڪڏهن ائين ٿيو هجي ته ڪنهن ملڪ پنهنجي اتحادي ملڪ تي حملا ڪيا هجن. وزيراعظم پاڪ سرزمين تي دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته پاڪ افغان سرحد تي ڊرون جهازن سان سخت نگراني ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم چيو ته ٻين جي جنگ وڙهي پنهنجي ملڪ کي تباهه ڪرڻ نه ٿا گهرون،  وزيراعظم طور منهنجي ذميداري پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو