وانا (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن، مقابلو، پاڪ فوج جا 7 جوان شهيد، 5 دهشتگرد مارجي ويا، رپورٽ موجب ڏکڻ وزيرستان ۾ آسمان منزه علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ته دهشتگردن سان مقابلو ٿي پيو، دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 7 فوجي جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز جي وڏي انگ ۾ اهلڪارن دهشتگردن جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وطن لاءِ جان قربان ڪندڙ جوانن تي سڄي قوم کي ناز آهي، دهشتگردن جي خلاف آپريشن جاري رکنداسين، جڏهن ته ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڄي قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي، ملڪ ۾ امن لاءِ جوانن لازوال قربانيون ڏنيون آهن.
122