98

تيل جي اگهن ۾ ساڍا 5 روپين تائين واڌ، پيٽرول جي في لٽر جو اگهه 123 روپيا 30 پئسا ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت  تيل جي اگهن ۾ ساڍا 5 روپين تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، پيٽرول جي اگهه ۾ 5 روپيا واڌ ٿيڻ سان پيٽرول جي في لٽر  جو اگهه 123 روپيا 30 پئسا ٿي ويو آهي. جڏهن ته  هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 5 روپيا هڪ پئسو ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ 5 روپيا 46 پئسن جي واڌ ڪئي وئي آهي. اوگرا هڪ ڏينهن اڳ ناڻي واري وزارت کي موڪليل سمري م پيٽرول جي اگهه ۾ رڳو هڪ روپيي جي واڌ جي تجويز ڏني هئي پر حڪومت ان جي ابتڙ 5 روپين تائين واڌ ڪري ڇڏي. اهڙي ريت اوگرا  هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 10 روپيا واڌ جي تجويز ڏني پر حڪومت 5 روپيا هڪ پئسي جي واڌ ڪئي، اگهن ۾ واڌ کان پوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 120 روپيا 4 پئسا، گاسليٽ جو اگهه 92 روپيا 26 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل جو نئون اگهه 90 روپيا 69 پئسا ٿي ويو آهي وزيراعظم جي منظوري کان پوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جنهن تي رات کان ئي عمل شروع ٿي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو