حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قاسم آباد ۾ ٽريفڪ پوليس جي مسافرن کان وڏي پيماني تي ڦرلٽ، بالا آفيسرن نوٽيس نه ورتو، روزاني ”سوڀ“ پارن گڏ ڪيل ڄان موجب قاسم آباد ۾ مختلف هنڌن تي ٽريفڪ جي رواني ۽ مسافرن جي سهولت لاءِ مقرر ڪيل اهلڪار پنهنجو فرض وساري عوام لاءِ ويتر آزار بڻجي ويا آهي، شهر جي مصروف هوشو شيدي فلاءِ اوور مسافرن کان ڦرلٽ جو مرڪز بڻجي وئي آهي، مليل ڄاڻ موجب فلاءَ اوور چوڪي جا اهلڪار ڪاغذن بهاني ڊرائيورن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهاري ڇڏين ٿا، جڏهن ته موٽرسائيڪل ۽ ٻين گاڏين جي ڊرائيورن کي روڪي چالان جي آڙ ۾ 5 سئو کان هزار تائين اوڳاڙي ڪئي وڃي ٿي ۽ اڪثر مسافرن کي چالان جي پرچي به نه ٿي ڏني وڃي، بنا ڏوهه ڦرلٽ تي اعتراض واريندڙ مسافرن جي تذليل معمول بڻيل آهي، ان ڏس ۾ متاثرن ”سوڀ“ آڏو احتجاج ڪندي گهر ڪئي آهي ته مختلف بهانن سان ڦرلٽ ڪندڙ ٽريفڪ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري عوام کي غير قانوني ڦرلٽ کان بچايو وڃي.
130