ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ سبب مهانگائي جو ماريل عوام ويتر پريشان ٿي ويو آهي. عمران خان عوام جي کيسن تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پيٽرول 5 روپيه وڌيڪ مهانگو ٿي ويو. عمران خان ٻڌائي ته قوم جا سٺا ڏينهن ڪڏهن ايندا. ڊالر، پيٽرول، تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن. هر شئي عوام جي پهچ کان پري ٿيندي پئي وڃي. عمران خان چيو هو ته آئون روئاڙيندس، اڄ پوري قوم روئي رهي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته عوام روئي رهي آهي ۽ عمران خان بانسري وڄائي رهيو آهي. بجٽ کان پوءِ عوام کي رليف ڏيڻ جون وڏوين ڳالهيون ڪيڏانهن ويون؟ سستو پيٽرول ڏيڻ جو ڪوڙ ڳالهائي اقتدار ۾ ايندڙ اڄ تاريخ جو مهانگو پيٽرول وڪرو ڪري ان جو به دفاع ڪري رهيا آهن. پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ وسيلي گڏ ٿيندڙ اربين روپياتحريڪ انصاف جي حڪومت ڪرپشن ۾ اڏائي ڇڏيندي.
103