127

تعليم کاتي پاران ڊيسڪن جي خريداري وارو معاملو عدالت پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي طرفان اسڪولن لاءِ ڊيسڪن جي خريداري وارو معاملو عدالت پهچي ويو، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ايڊووڪيٽ عبيدالرحمان پاران داخل ڪيل درخواست جي ابتدائي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. درخواستگذار پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت مالي فائدي لاءِ من پسند ماڻهن کي ٺيڪو ڏنو، 5 هزار واري ڊيسڪ جو ٺيڪو غير قانوني طور تي من پسند ڪمپني کي جاري ڪيو ويو جڏهن ته گهٽ ٻولي لڳائيندڙ ڪمپني کي ٽينڊر ڏيڻ نه ڏنو ويو ۽ 29 هزار رپين جي ٻولي ڏيندڙ ڪمپني کي ٺيڪو ڏنو ويو جڏهن ته 30 جون تي بجيٽ جو مدو ختم ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ورڪ آرڊر به جاري ڪيو ويو جنهن ڪري عدالت کي گذارش آهي ته ورڪ آرڊر کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ ڄاڻايل ڪيس جي اڄ جمعي ڏينهن ٻڌڻي ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو