اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پر ڏيهي کاتي جي ترجمان عاصم افتخار چيو آهي ته آمرڪي بيان تي مايوسي ٿي آهي، افغان حڪومت تسليم ڪرڻ يا نه ڪرڻ لاءِ ڪو به دٻاءُ ناهي،اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته افغانستان بابت آمريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ انٽوني بلنڪن جي بيان تي حيرت ۽ مايوسي ٿي آهي، پاڪستان افغان تڪرار جي سياسي حل جو خواهشمند آهي، ڪنهن جي دٻاءُ کانسوءِ پاڻ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، هن چيو ته پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپن جا خواهشمندآهيون، روس ۽ چين سميت سمورن ملڪن سان لاڳاپا حصيداري تي ٻڌل آهن، پاڪستان افغان امن عمل ۾ سهولتڪاري ڪئي آهي، چاهيون ته امن امان جي صورتحال جلد بهتر کان بهتر ٿي وڃي.
116