ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جوڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت سنڌ ۾ ڌارين کي غير قانوني طور سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي الزام هيٺ ايف آءِ اي پاران گرفتار ڪيل جوابدار نادره جي ڊپٽي ڊائريڪٽر گوري شنڪر کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ايف آءِ اي پاران ڄاڻايل جوابدار کي پيش ڪرڻ تي ڏنو. ڪالهه ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ڄاڻايل ڪيس ۾ شڙيڪ جوابدار ياسر جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. جاچ آفيسر موجب جوابدار گوري شنڪر ايف آءِ اي پاران جعلي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ بابت انڪوائري ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ مفرور ٿي ويو هو جڏهن ته جوابدار جي خوف جو فائدو کڻندي نادرا جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ياسر زيب 10 لک رپيا رشوت طلب ڪئي ۽ جوابدار ياسر گوري شنڪر کي گرفتاري کان تحفظ جو يقين ڏياريو. جوابدار ياسر ساڍا 6 لک رپيا روڪ ۽ اڍائي لک رپيا پنهنجي بئڪ اڪائونٽ ۾ وصول ڪيا. جاچ آفيسر موجب نادرا جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ياسر زيب جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جڏهن ته جعلي سڃاڻپ ڪارڊ اسڪينڊل ۾ هينئر تائين 6 ڪيس داخل ٿي چڪا آهن ۽ 18 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن جن ۾ نادرا جا اعليٰ آفيسر، پرڏيهي شهري ۽ ايجنٽ شامل آهن.
117