116

اسان ۾ ڪي به اختلاف ناهن، صفن ۾ مڪمل اتحاد آهي: ملا برادر

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي قائم مقام نائب وزير اعظم ملا عبدالغني برادر چيو آهي ته اسان ۾ ڪي به اختلاف ناهن، صفن ۾ مڪمل اتحاد آهي،پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته منهنجي حوالي سان ميڊيا ۾ پکڙيل خبرن ۾ ڪنهن به قسم جي صداقت ناهي آهي،قندهار ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي بلڪل ٺيڪ ٺاڪ ۽ صحيح سلامت آهيان، هن چيو ته ڪابل شهر کان ٻاهر هجڻ جي ڪري انٽرنيٽ تائين رسائي نه هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو