اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان کي عبوري صوبو بنائڻ بابت آئيني ترميم لاءِ باضابطه بل تيار ڪيو ويو آهي، تجويز ڪيل ترميمي بل جو عنوان 26هين آئيني ترميم بل 2021 هوندو، آئين جي آرٽيڪل 59،51 ۽ 242 ۾ ترميم جون تجويزون شامل ڪيون ويون،اسيمبلي ۾ سيٽن جو تعدار 33 ئي برقرار رکڻ جي تجويز ڏني وئي.
117