اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي عبوري گهرو وزير سراج الدين حقاني گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي افغانستان بابت خاص نمائندي ڊيبور الائنز کي يقين ڏياريو آهي ته گڏيل قومون بنا ڪنهن رڪاوٽ جي افغانستان ۾ انساني بنيادن تي پنهنجون اقتصادي سرگرميون جاري رکن سگهن ٿيون. افغان حڪومت جي ترجمان سهيل شاهين هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته اسلاميه امارات افغانستان جي گهرو وزير يقين ڏياريو آهي ته گڏيل قومون افغان عوام کي اهم امداد جي بنا رڪاوٽ فراهميءَ جو ڪم جاري رکي سگهن ٿيون. ترجمان جو چوڻ هو ته حقاني ۽ ڊيبور وچ ۾ ملاقات دوران افغانستان جي موجوده صورتحال ۽ انساني بنيادن تي امداد بابت ڳالهيون ڪيون ويون، جنهن ۾ سراج الدين حقاني ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته عالمي برادريءَ کي گهرجي ته اها افغانستان سان مصروف عمل رهي. ترجمان چيو ته ملاقات ۾ افغانستان ۾ چئلينجنگ صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن لاءِ گڏيل اعتماد جي ضرورت آهي. اي پي پي/م – ش/ح – ق 19:14
