دوشنبي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوشنبي پهچي ويو، تاجڪستان جي وزيراعظم قاهر رسول زاده وزيراعظم عمران خان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، اطلاعات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، بحري معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ نيشنل سيڪيورٽي وارو ايڊوائيزر ڊاڪٽر معيد يوسف به وزيراعظم سان گڏ آهن، وزيراعظم تاجڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف کان علاوه وزيراعظم ايران ، قزاقستان، بيلاروس ۽ ازبڪستان جي صدرن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. پنهنجي دوري جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان پاڪستان تاجڪستان بزنس فورم کي خطاب ڪندي چيو ته تاجڪستان ۾ توانائي خاص طور تي پن بجلي جا گهڻا موقعا موجود آهن، بدقمستي سان پاڪستان ۾ بجلي ڏاڍي مهانگي آهي، اسان صاف، سستي پن بجلي مان فائدو وٺڻ جا خواهشمند آهيون، ڪاسا 1000 منصوبي تي ڪم تيز ٿيڻ گهرجي، منصوبي جي جلد پڄاڻي چاهيون ٿا، 80 ملين ڊالر جو گڏيل واپار ٻنهي ملڪن جي حقيقي صلاحيت کان تمام گهٽ آهي، حڪومت ڪاروبار لاءِ مناسب سهولتون ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون ۽ ڪاروبار ۾سولايون پيدا ڪيون وينديون. خطي جا ملڪ خاص طور تاجڪستان جا سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپ جي موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، علائقائي ۽ عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي حڪومت سهولتون ڏيندي، جنهن سان نه رڳو معيشت پر عوام کي به فائدو پهچندو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان مان 67 ڪمپنيون تاجڪستان آيون آهن، ٻنهي ملڪن جي واپارين کي سهولتون ڏيڻ بابت قدم کنيا ويندا ۽ ڪاروبار ۾ سولائي پيدا ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته ٻطرفي واپار سان نه رڳو معيشت پر عوام کي به فائدو پهچندو، افغانستان جي صورتحال جو ذڪر ڪندي هن چيو ته 40 سالن جي جنگ کان پوءِ امن قائم ٿيو آهي. جامع حڪومت جي قيام سان پاڻ ۾ رابطا وڌندا.
120