ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان جي خلاف بي اعتمادي تحريڪ ناڪام بنائڻ جي لاءِ سينيٽ چيئرمين متحرڪ ٿي ويو آهي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، وڏي وزير خلاف تحريڪ ناڪام بنائڻ تي مشاورت ڪئي وئي،سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ناراض ميمبرن سان ذاتي حيثيت ۾ ملڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته وڏي وزير ڄام ڪمال خان سان پڻ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران سرفراز بگٽي، منظور خان ڪاڪڙ، عبدالقادر ۽ نصيب الله بازئي موجود هئا،بي اعتمادي رٿ تي مشاورت ڪئي وئي، ٻئي طرف وڏي وزير ڄام ڪمال خان حڪومتي ۽ اتحادي ميمبرن سان ملاقات ڪئي، انهن مٿس ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو .
118