ڪنري (ويب ڊيسڪ) ٻه ڏينھن پھريان ڪنري ويجھو دڙيلو موري جي ڳوٺ پيارو خان چانڊيو ۾ واپڊا جي انتظامي نااھلي ۽ لاپرواھي سبب فصلن ۾ ڪم ڪندي بجلي جي تارن ۾ وچڙي فوت ٿيل ٻن سئوٽ پورھيتن محمد اشرف چانڊيو ۽ عبدالطيف چانڊيو جي واقعي ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي، ٻنھي پورھيتن جي فوت ٿيڻ جي صدمي ۾ سندن ڀاڻيجي 40 ورھين جي مومل زال جيئند چانڊيو صدمي سبب ڪوما ۾ ھلي وئي ھئي، جنھن کي حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ھو فوت ٿي وئي. فوتي عورت جي لاش کي ايمبولينس ذريعي سندس ڳوٺ ورند خان چانڊيو آندو ويو، لاش پھچڻ دوران گھر ۾ روڄ راڙو ٿي ويو، جتي جنازي نماز بعد سندس تدفين ڪئي وئي. عورت جي وارثن ٻڌايو ته مومل پنھنجي مامن جي فوت ٿيڻ بعد صدمي سبب ڪوما ۾ ھلي وئي ۽ اڄ دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو، فوتي عورت مومل فوتين اشرف ۽ لطيف جي ڀاڻيجي ھئي، کيس ٻن نياڻين جو اولاد ٻڌايو پيو وڃي، ھڪ ئي ڪٽنب جي ٽن ڄڻن تي فوت ٿيڻ سبب گھرن ۾ ڪھرام متل آھي. جڏھن ته علائقي جو ماحول پڻ سوڳوار بڻيل آھي، فوتين اشرف ۽ لطيف چانڊيو جو مامو ڪارو چانڊيو پڻ واقعي بعد سخت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آھي ۽ کيس بار بار بيھوشي جا دورا پئجي رھيا آھن، ٻئي پاسي واقعي جو فوتي اشرف چانڊيو جي فرياد تي سب ڊويزن نئون ڪوٽ جي واپڊا جي ٽن ملازمن ايس ڊي او فلڪ ناصر، لائين سپريٽنڊينٽ منور احمد ۽ لائين مين اشرف رند خلاف واقعي ۽ غفلت جو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، پوليس ڪيس ۾ نامزد ھڪ به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگھي، فوتين جي وارثن پاران ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي سخت احتجاج جو چتاءُ ڏنو آھي، ھوڏانھن واقعي جي ٻه ڏينھن گذري وڃڻ باوجود واقعي ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگھي آھي، سنڌ حڪومت ۽ حيسڪو جي عملدارن جي نوٽيس وٺڻ باوجود ڪابه ٽيم متاثرن وٽ ناهي پھتي ۽ نه ئي ڪا جانچ شروع ٿي سگھي آھي.
121