129

چيني ڪمپنيون سي پيڪ منصوبي مان مايوس،3 سالن ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيني ڪمپنيون سي پيڪ منصوبي مان مايوس،3 سالن ۾ ۡڪو به ترقياتي  ڪم نه ٿيو، رپورٽ موجب سينيٽ جي منصوبابندي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس،  چيئرمين سليم مانڊوي والا جي سربراهي ۾ ٿيو ، ان موقعي تي ڳالهائيندي سليم مانڊوي والا چيو ته چيني سفير ٻڌايو آهي ته 3 سالن ۾ سي پيڪ تي ڪجهه ناهي ٿيو، منصوبي جو ٻيڙو غرق ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وزير اعظم جي سي پيڪ بابت خصوصي معاون خالد منصور چيو ته چيني نيشنل هاءِ وي اٿارٽي مان خوش ناهن، گوادر ۾ ڪم جي اڳڀرائي اطمينان جوڳي ناهي،  گردشي قرضن جي ڪري چيني ڪمپنين کي گذريل سيڙپ ڪاري جو رهتون به نه ڏنيون ويون، انهن شڪايتون ڪيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو