109

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو دورو هڪ سازش تحت ختم ڪيو ويو : شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نيوزيلينڊ ٽيم جو دورو هڪ سازش تحت منسوخ ڪيو ويو آهي، اسلام آباد ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته ، ”اسان کي ڪوبه ٿريٽ ناهي مليو، نيوزيلينڊ پاڻ دورو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اسان انهن کي بغير تماشائين جي کيڏڻ جي آڇ ڪئي پر هنن قبول نه ڪيو ، وزيراعظم به نيوزيلينڊ جي وزيراعظم سان ڳالهايو، هن وڌيڪ چيو ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو دورو هڪ سازش تحت ختم ڪيو ويو ، دستانا پهريل هٿن سازش ڪئي آهي، نيوزيلينڊ چار مهينن لاءِ هڪ سيڪيورٽي ٽيم موڪلي هئي، ان ٽيم به سيڪيورٽي ڪليئرنس ڏني هئي، گهرو وزير چيو ته انگلينڊ جي ٽيم پنهنجو فيصلو ڪندي. اسان وٽ انهن لاءِ مڪمل انتظام آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو