110

ايترا ظالم نه بڻجو ڪجهه ته مروت سکو!شعر ٻڌائڻ تي وزير اعظم واپاري تي ڪاوڙجي پيو

 دو شنبي (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان تاجڪستان جي گادي واري هنڌ دوشنبي ۾ پاڪستان تاجڪستان بزنس فورم جي دوران هڪ بزنس مين خالد امين جي ڳالهه تي ناراضي جو اظهار ڪيو، واپاري کيس شعر ٻڌايو ته  ايترا ظالم نه بڻجو ڪجهه ته مروت سکو!، واپاري خالد امين ڳالهائيندي چيو ته عمران صاحب جڏهن توهان ڪنٽينر تي  هئا تمام گهڻا سٺا  لڳندا هئا، هاڻي ته توهان قيدي آهيون، خبر ناهي ڪهڙن چڪرن ۾ پئجي ويو آهيون؟، هي شعر توهان لاءِ آهي، ”ايترا ظالم نه بڻجو ڪجهه ته مروت سکو“، جنهن تي وزير اعظم ڪاوڙ ۾ جواب ڏيندي چيو ته توهان بزنس جي ڳالهه ڪيو، شعرو شاعري بعد ۾ ٿيندي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو