ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان چيو آهي ته افغانستان ۾ڪو به پرڏيهي دهشتگرد موجود نه آهي، دنيا اسان کي تسليم نه ڪندي ته سٺو نه ٿيندو، نتيجا خراب نڪرندا. هڪ ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي طالبان حڪومت جي اطلاعات واري نائب وزير ذبيح الله مجاهد چيو ته اسلامي امارت افغانستان کي تسليم نه ڪرڻ سان اسان سان گڏ دنيا کي پڻ نقصان ٿيندو، نئين حڪومت کي تسليم ڪرڻ افغانن جو حق آهي. هن چيو ته آمريڪا جي افغان ڌرتيءَ تان دهشتگرديءَ بابت ڳڻتي اجائي آهي، اسين افغانستان جي ڌرتي ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، اتي هاڻي اسان جو ڪنٽرول ويتر مضبوط ٿي رهيو آهي. افغانستان ۾ڪو به پرڏيهي دهشتگرد موجود نه آهي، القاعده توڙي ٻيا پرڏيهي دهشتگرد گروپ هاڻي افغانستان ۾ موجود نه آهن، جيڪڏهن پهاڙي علائقي ۾ڪي هوندا ته انهن کي به اسين پاڻ ئي روڪينداسين. اسان جي قوم هينئر ئي جنگ مان نڪتي آهي، ان کي مدد جي گهرج آهي، جنهن امداد جو اعلان ڪيو ويو اها به ملڻ گهرجي، اميد آهي ته دنيا اسان سان سهڪار ڪندي. هن چيو ته قطر، گڏيل عرب رياستن، اردن، پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي حڪومتن اسان جي مدد ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هوائي اڏي، تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ عورتون ڪم تي اچي رهيون آهن، جيڪي يونيورسٽيون بند آهن اهي پڻ جلد ئي کوليون وينديون، افغانن جي مدد ٿيڻ اسان لاءِ توڙي دنيا لاءِ به سٺو آهي، پر جيڪڏهن دنيا اسان کي تسليم نه ڪندي ته سٺو نه ٿيندو، نتيجا خراب نڪرندا. ٻي پاسي طالبان جي دوحه آفيس واري ترجمان سهيل شاهين وائس آف آمريڪا کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا تيستائين دشمن هو جيستائين ان سان جنگ پئي هلي، هاڻي جنگ ختم ٿي وئي آهي ۽ هاڻي حالتون ٻيون آهن، آمريڪا کي به ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي ته مسئلن کي رڳو ڳالهين سان ئي نبيري سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ڪري اسان آمريڪا سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، پر هاڻي اهو سڀ آمريڪا تي ئي ڇڏيل آهي ته هو اسان سان گڏ ڪم ڪري افغانستان ۾ غريبي ّتم ڪرڻ، تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ افغانستان جي بنيادي ڍانچي کي ڄيڪ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو يا نه.
103