104

دنيا افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ته بحران پيدا ٿيندا، ان کي پنهنجي حال تي نٿو ڇڏي سگهجي: عمران خان

دوشنبي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان افغانستان جي خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا، جيڪڏهن دنيا افغانستان کي اڪيلو ڇڏيندي ته مختلف بحران پيدا ٿيندا. شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ويهين سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي وزيراعظم چيو ته خطي کي ڪيترائي چيلينج آهن، اسان کي سمورا مسئلا گڏجي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، مضبوط مواصلاتي نظام سان خطي ۾ چڱا اثر پوندا.  پاڪستان جي وزيراعظم جو چوڻ هو ته بدقسمتي سان دنيا ۾ دهشتگردي کي مذهب سان ڳنڍيو ويندو آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ معاشي نقصان سان گڏ اسان جا 10 لک ماڻهو متاثر ٿيا. افغانستان جي صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته افغانستان هن وقت سڄي دنيا جي ڌيان جو مرڪز آهي، پوئين افغان حڪومت 75 سيڪڙو غير ملڪي امداد تي هلي رهي هئي، طالبان افغانستان جو رتوڇاڻ جي بنا ڪنٽرول حاصل ڪيو. اڄ افغان جي عوام کي همدردي جي بنيادن تي امداد جي ضرورت آهي، هي دنيا جو افغانستان سان گڏجي بيهڻ جو وقت آهي، افغانستان ۾ انساني همدردين جي بنياد تي ڪم ٿيڻ گهرجي، اهو مسئلو به سڀني کي گڏجي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ اهڙو سياسي ڌانچو هجڻ گهرجي جنهن ۾ سڀني گروپن جي نمائندگي هجي، طالبان کي سياسي استحڪام سان گڏ عوام جو ڀروسو ڏيارڻو پوندو. عمران خان وڌيڪ چيو ته افغانستان اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ ڪير به ٻاهر ويهي حڪومت نٿو ڪري سگهي، ان کي پنهنجي حال تي به نٿو ڇڏي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ وارو اهم ملڪ آهي، اسان افغانستان بابت سدائين هڪجهڙو موقف رکيو آهي، افغانستان ۾ طالبان جي نگران حڪومت اچي چڪي آهي، افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته مختلف بحران پيدا ٿيندا، پاڪستان سمجهي ٿو ته افغان عوام پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو