114

ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي تحريڪ تي ڊيڊ لاڪ برقرار، صادق سنجراڻي ناراض ميمبرن کي پرچائي نه سگهيو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)  بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان خلاف بي اعتمادي تحريڪ تي ڊيڊ لاڪ برقرار، صادق سنجراڻي ناراض ميمبرن کي پرچائي  نه سگهيو،رپورٽ موجب بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان جي خلاف بي اعتمادي تحريڪ پيش ٿيڻ کانپوءِ سياسي ماحول گرم ٿي ويو آهي، سينٽر ڪهده بابر جي ڏنل مانجهاندي ۾ ڳالهه نه ٺهي سگهي، سينٽ چيئيرمين صادق سنجراڻي کي ناڪامي نصيب ٿي،هوڏانهن بلوچستان جو اسپيڪر ۽ ناراض ميمبر مائنس ون فارمولي تي ڄمي بيٺل آهن، بي اعتمادي تحريڪ تان هٿ کڻڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي،   ٻئ طرف سينٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ميڊيا سان ڳالهائيدي چيو ته ناراضگيون جمهوريت جو حصو آهن، مايوس ناهيون ٿيا، ناراض ٿيلن کي پرچائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو