لاهور (o) مسلم ليگ (ويب ڊيسڪ) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف تي سڀ متفق آهيون، اختلافن جون ڳالهيون دشمنن جي پروپيگنڊا آهي، مسلم ليگ ن جي اجلاس دوران ڳالهائيدي هن چيو ته 30 سالن کان اختلافن جو ڳالهيون ٻڌي رهي آهيان، انهن تي ڪن نه ڏيو، جمهوري جماعت ۾ ڪنهن کي به اختلاف ٿي سگهن ٿا، سڀني جي راءِ کي احترام ڏنو ويندو آهي، اختلافن جو اهيو مطلب ناهي ته ڪو اٿي بيهي قيادت تي آواز اٿاري، هن چيو ته جڏهن قيادت جي ڳالهه اچي ٿي ته سڀئي نواز شريف ۽ شهباز شريف متفق آهيون، انهن جو ئي حتمي فيصلو هوندو.
131