ڪڪڙ (ويب ڊيسڪ) ملير ضلعي جي بن قاسم ٿاڻي جي حد ۾ اسٽيل ٽائون وٽان روپا ٽيڪ فيڪٽري جي رستي ۾ ھٿياربندن پاران ڦر ڪرڻ جي مزاحمت دوران لوھي شيخيون ھڻي بيدردي سان قتل ٿيل پورھيت نوجوان جي سڃاڻپ ڪڪڙ واسي 19 ورھين جي نوجوان گل محمد شاھ طور ڪئي وئي، جتي پوليس جناح اسپتال مان لاش جي ضروري ڪارروائي بعد لاش سندس چاڇي ساجد علي شاھ حوالي ڪيو ويو. جتي لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا، قتل ٿيل پورھيت نوجوان جو ڪڪڙ جي ڳوٺ کاٽ لشڪر ۾ آندو ويو، جتي وارثن لاش رکي احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي ساجد علي، امير علي، محمد شاھ، واجد علي ۽ ٻين انصاف لاءِ نعري بازي. ڪئي. ان موقعي تي ساجد علي ٻڌايو ته گذريل رات دير سان اسٽيل ٽائون وٽان ھٿياربندن ڦر ڪرڻ جي مزاحمت دوران لوھي شيخيون ھڻي بيدردي سان منھنجي ڀائٽي گل محمد شاھ کي بي گناھ قتل ڪري لاش رستي ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا ڀائٽيو گل محمد شاھ روپا ٽيڪ فيڪٽري ۾ ملازم ھو، جيڪو پنھنجي مامي صداقت علي شاھ سان ڪراچي جي علائقي شاھ ثائون ۾ رھندڙ ھو رات واري شفٽ جي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ گھر کان روپا ٽيڪ فيڪٽري ڏانھن وڃي رھيو ھو ته نامعلوم جوابدارن ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت دوران کين لوھي شيخيون ھڻن بعد بيدردي سان قتل ڪري لاش رستي ۾ ڦٽو ڪري ويا سندس کيسي مان روڪ رقم موبائل فون سمت ٻيو سامان گم ھيو. ھن وڌيڪ چيو بيروز گار ھئڻ ڪري ڪراچي ۾ 3 مھينا اڳ فيڪٽري ۾ خانگي نوڪري ڪئي، جنھن کي کيس ظالمن سنڌي ھجڻ ڪري قتل ڪري وڏو ظلم ناحق ڪيو آھي، ڪراچي ۾ روز سانگي ايندڙ سري عام سنڌي نوجوان جو قتلام ٿي رھيو آھي پر سرڪار خاموش آھي، سنڌين جو قتلام ڦورن بند ڪيو وڃي، ساڻس انصاف ڪيو وڃي. ھنن چيو ٽن ڏينھن اندر قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ته اسين سيد پوري سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ ھلائينداسين.
113