ٽنڊو مستي (ويب ڊيسڪ) ٽنڊي مستي جا 2 نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا، ڌاڙيلن پاران 10 لک ڀنگ طلب، ان سلسلي ۾ ڳوٺ ڦوڙي چانڊيا واسي نوجوان غلام سرور پٽ مراد علي ۽ حاڪم علي پٽ معتبر چانڊيو اغوا ٿي ويا، ان سلسلي ۾ نوجوان غلام سرور جي والد مراد علي اغوا جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته نوجوان ڪم سانگي خيرپور ڀرسان خانپور لاءِ نڪتا هئا، قومي شاهراهه تان ساڻن رابطو ڪٽجي ويو هو، هن چيو ته ٻئي ڏينهن تي ڌاڙيلن بازيابي لاءِ 10 لک رپيا ڀنگ گهريو آهي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ مغوين کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، ٻئي پاسي نوجوانن جي اغوا جي تصديق تي گهرن ۾ روڄ راڙي واري صورتحال پيدا ٿي وئي، آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي کان مدد جي اپيل ڪئي وئي آهي.
120