لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ مهانگي قيمت تي کنڊ خريد ڪندڙن کي رقم واپس ڪرڻ جي لاءِ وڪيلن کان معاونت طلب ڪري ورتي آهي ، رپورٽ موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ مختلف شوگر ملز جي درخواست تي 4 صفن تي ٻڌل عبوري حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته شوگر ملز جي زر ضمانت قومي خزاني جو حصو نٿي بڻجي سگهي، ڇو ته هي ٽيڪس يا فيس ناهي، مهانگي اگهه تي کنڊ خريد ڪندڙ صارفين کي رقم واپس نٿي ڪري سگهجي، وڪيل ان معاملي تي قانوني معاونت ڪن.
