107

طالبان عورتن جي وزارت کي وزارت اخلاقيات ۾ تبديل ڪري ڇڏيو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان عورتن جي وزارت کي وزارت  اخلاقيات ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي،عورتن جي وزارت جي عمارت تي نئين وزارت جو بورڊ پڻ لڳايو ويو آهي،بورڊ تي ”عبادت، رهنمائي ۽ سٺائي کي هٿي ڏيو ۽ برائي کان پاسو ڪريو“ لکيل  آهي، هوڏانهن ڪم تي واپسي جي خواهشمند عورتن کي واپس ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته  عمارت کي پڻ تالا هنيا ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو