اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارتي جي چيئرمين بلاول ڀٽو تحريڪ طالبان پاڪستان کي عام معافي ڏيڻ بابت وفاقي حڪومت جي آڇ جي مخالفت ڪري ان تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ بلاول ڀٽو چيو آهي ته پاڪستان اندر دهشتگرد گروپن کي معافي جي آڇ ڪرڻ دهشتگردي سان متاثر هزارين ماڻهن جي توهين آهي. هن وڌيڪ چيو ته اوڀر ۽ اولهه واري سرحدن ۽ مذهبي انتهاپسندن کي خوش ڪرڻ لاءِ عمران خان جي پاليسي ايندڙ وقت ۾ اسان جو پيڇو ڪندي. ٻي پاسي خيبرپختونخوا سان واسطو رکندڙ جي يو آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي طارق خٽڪ بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اڳوڻي ايم اين اي طارق خٽڪ ساٿين سميت جي يو آءِ ڇڏي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان پڻ ڪيو.
91