ليکڪ: عبدالغفور ميمڻ
سنڌي معاشرو ڪافي عرصي کان ڪيترن مسئلن جو شڪار آھي ۽ ان تي ڪيترائي دوست پنھنجي پنھنجي راءِ جو اظھار به ڪندا رھندا آھن، ڪجهھ ماڻھن جو خيال آھي ته سنڌي معاشرو زرعي معاشرو آھي، ان ڪري ان ۾ ڪافي سماجي بيماريون آھن ۽ ڪجھه جو خيال آھي ته سنڌ وڏيرن جي غلامي ۾ آھي پر بدقسمتي سان جيڪو وڏي اڪثريت وارو طبقو يعني مڊل ڪلاس يا لوئر مڊل ڪلاس آھي (جنھن جو ھر معاشري ۾ ھڪ اهم ڪردار ھوندو آھي) ان جو ڪردار انتھائي شڪي ۽ موقعي پرستي وارو آھي، ان ڪري سنڌي معاشرو غلامي مان نڪرڻ بدران ھڪ اھڙي دلدل ۾ ڦاسي پيو آهي جنھن مان نڪرڻ جا آثار نظر نٿا اچن، اڳي اسان انگريز جا غلام هئاسين ته اسان کي انهيءَ جو ادراڪ هو ۽ تسليم ٿيل هو ته اسين غلام آهيون. ان ڪري اسان ان غلاميءَ خلاف وقت بوقت وڙهندا رهياسين، پر نئين غلامي اهڙي بدترين غلامي آهي جنهن ۾ اسان جي ماڻهن کي اهو احساس به ناهي ته ڪو اسين غلام آهيون، ايئن ماٺ ميٺ ۾، غيرمحسوس طريقي سان هيءَ نئين غلامي اسان جي تعليم کي کائيندي وئي، ڇو ته اسان جي قابضن کي خبر هئي ته تعليم هنن ماڻهن کي ڪڏهن به سجاڳ ڪري ۽ پاسو ورائي سگهي ٿي. اسان کي انگريزن جي باقيات ۾ مليل جاگيرداري، پيري مريدي ۽ فرقيواراڻي مذهبي ماحول ۾ جياريو ويو، ان تسلسل ۾ اڳتي هلي آهستي آهستي اسان کي شهرن مان بي دخل ڪيو ويو، اقتدار جو واڳون عوام کان کسي وڏيرن کي ڏنيون ويون، نتيجي ۾ نه اسان جو قومي ڪلچر اسري سگهيو، نه اسين صنعت ۽ واپار ۾ داخل ٿي سگهياسين ۽ نه هڪ مستقل قوم طور پنهنجي خوداختياري جي حق جا حقدار بڻجي سگهياسين، ورهاڱي کانپوءِ پهرين چاليهن سالن تائين اسان وٽ ٻارن کي پرائمري تعليم ڏني پئي وئي ۽ انهن مان پرائمري کان مٿي تعليم ۾ صرف 5 سيڪڙو ٻار وڃي پئي سگهيا ايئن هتي اڻپڙهيل ماڻهن جا نسل پٺيان نسل پيدا ڪيا ويا. ويتر ظلم اهو ته انهن اڻپڙهيل ماڻهن کي به ٻهراڙين توڙي شهرن ۾ آرام سان جيئڻ نه ڏنو ويو، اسان جي قيادتن ۾ اها هوشمندي ڪونه هئي ته اسان جي دشمن جي گهات ۽ چالن کي پنهنجي متبادل حڪمت عملين سان ٻنجو ڏئي سگهن، اهي ڪابه اهڙي تحريڪ ۽ سرگرمي نه شروع ڪري سگهيا ۽ اسان جي ڀٽڪڻ جو ڪٿي به ڇيهه نه پئي ٿيو ته پوءِ آخرڪار اسان جا حاڪم اسان کي اهو باور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا ته اسين پاڻ ئي پنهنجا دشمن بڻيل آهيون ۽ پنهنجي تباهي جا به ٽوٽل پاڻ ئي ذميوار آهيون تعليم جي تباهيءَ سان گڏ هتي سماجي طور تي حقيقي مڊل ڪلاس پيدا ٿيڻ نه ڏنو ويو جيڪو ڌرتيءَ جي مالڪيءَ جو فڪر ڪري پر ان جي جاءِ تي پرمٽن، ٺيڪن ۽ ڪميشن جي ذريعي هڪ جڳاڙي ۽ ذاتي غرضن جو پوڄاري مڊل ڪلاس پيدا ڪيو ويو سنڌ ۾ ٻاهرين آبادڪاريءَ افغاني مجاهدن کي واڌ ڏني وئي، آبادي جيئن ته ڌرتيءَ ڄائي نه هئي تنهن ڪري ان جي، ڌرتيءَ ڄاون سان ڪا پنهنجائپ قائم نه ٿي اهي ويڳاڻا بڻجي نه صرف ڌرتي ڌڻين جي بدحاليءَ جو تماشو ڏسندا رهيا پر ڌرتي ڄاون جي استحصال ۾ سڀني ڦورن جا ساٿاري بڻجي استعمال به ٿيندا رهيا ڇاڪاڻ جو انهن کي سندن آقائن ٻڌائي ڇڏيو هو ته اسان جي بدحاليءَ ۾ انهن جي زندگي آهي، پر سوچڻ جي ڳالهه هيءَ آهي ته اسان پاڻ کي ڪيئن ان وهڪري ۾ وهائي ڇڏيو، هڪ طرف اسان جي تباهيءَ جو بندوبست ڪندڙن جي ايڏي مستعدي ۽ ٻئي طرف اسانجي پنهنجن جي ايڏي اياڻائي جو انهن کي سڀ ڪجهه سولو بڻائي ڏيندا ويا، اسان جي غاصب ڦورن کي جيڪو ڪجهه گهرجي پيو انهيءَ کي سولو بڻائي ڏيڻ ۾ وقتي فائدي جي لونجهه رکندڙ اسان جي مورک سياسي قيادتن ۽ وڏيرن به وسان ڪونه گهٽايو، پر سياستبازن ۽ وڏيرن جي ڳجهين ڪارستانين کان بي خبر اسان جو عام ماڻهو ويچارو انهيءَ ويساهه ۽ ڀرم ۾ مارجي ويو ته اسان جي ليڊرن مان ڪي، ڏتڙيل ڌرتي ڌڻين جا سڄڻ بڻجي اسان جي بچاءَ جي جنگ وڙهي رهيا آهن هوڏانهن اصل صورتحال هيءَ هئي ته انهن مان وڏا ليڊر رهبرن جو روپ ڌاري رهزنيءَ جي ڪرت ڪري رهيا هئا انهن مان ڪن کي هرحال ۾ اقتدار جي ڪرسي گهربل هئي، تنهن ڪري انهن قوم فروشي ڪري اقتدار ماڻي ورتو ۽ ڪن کي وري اسان جا دشمن در پرده ڏوري هٿ ۾ جهلي ڪٺ پتلين وانگر هلائي رهيا هئا، اسان کي خانگي سطح تي مضبوط ۽ سڄڻ ادارن جو سهارو گهربل هو پر هتي اهڙن منظم ۽ جٽادار ادارن جي جوڙجڪ به نه ٿي سگهي، جيڪي اسان کي ڪاميابيءَ جي دڳ تي وٺي هلن. جيڪي اسان کي تعليم سان سلهاڙي رکن، جيڪي اسان کي سکِڻي ردعمل جي سياست بدران تخليفي سياسي شعور جي بلندين تي وٺي وڃن، جيڪي اسان جي شخصيت جي تعمير ڪن، جيڪي اسان جي انهن شخصي گڻن ۽ خوبين جي اوسر ڪن جن جي ذريعي اجتماعي سوچ کي هٿي ملي ۽ اسان ۾ اهڙيون خوبيون پيدا ٿين جيڪي ذات ۽ ڪردار کي بلند ڪنديون آهن ۽ جيڪي خوبيون اسان کي ڪُل جو ڪارگرجُز بڻائي سماج دوست بنجڻ جي اهل رکنديون آهن. (هلندڙ)