98

ٽي ٽي پي طرفان حملن ۾ واڌ، حقيقت ڇا آهي؟

ليکڪ: عزيز الله خان/عابد حسين

پاڪستان جي ڪي پي ڪي جي ضلعي ڏکڻ وزيرستان ۾ 14 سيپٽمبر تي سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار گشت لاءِ تيار هئا ۽ گاڏي ۾ ويهي پنهنجي روزاني مشن تي روانو ٿيا ۽ گشت دوران علائقي ۾ هنڌ هنڌ ترسي شڪي ماڻهن جي تلاشي به ورتي، ان ڏينهن اهڙي ئي هڪ گشت تي رات جو 9 وڳي ڌاري سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملو ٿيو، جنهن کانپوءِ سيڪيورٽي عملدارن جوابي ڪارروائي ڪئي، آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل اعلان مطابق ڪجهه دير تائين جاري رهندڙ ان جهڙپ ۾ پاڪ فوج جا 7 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 5 دهشتگرد مارجي ويا، اهو واقعو سومر واري رات تي ڏکڻ وزيرستان جي لڌا تعلقي جي علائقي سپينا ميلا ۾ پيش آيو، مقامي ماڻهن ٻڌايو ته ڏکڻ وزيرستان ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جا ماڻهو موجود آهن ۽ سيڪيورٽي اهلڪار انهن خلاف آپريشن ڪري رهيا آهن، گذريل سالن ۾ ٽي ٽي پي خلاف پاڪستاني فوج طرفان ڪيل ڪيترن ئي آپريشنز جي نتيجي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم کي سخت نقصان پهتو ۽ ان قسم جي واقعن ۾ گهڻي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي هئي، امن جي اميد جاڳي پوڻ کانپوءِ قبائلي ضلعن ۾ ماڻهن جون واپاري سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون هيون پر گذريل ڪجهه مهينن ۽ خاص ڪري افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت اچڻ کانپوءِ اهڙن واقعن ۾ تيزي ڏٺي پئي وڃي، ان واقعي کان هڪ ڏينهن اڳ يعني سومر تي لڌا ۾ بدر پل ويجهو هڪ آپگهاتي حملي جو اطلاع به مليو  هو، پابندي مڙهيل تنظيم جي ترجمان مطابق آپگهاتي بمبار بارود سان ڀريل جيڪٽ سان موٽرسائيڪل تي سيڪيورٽي فورسز تي حملو ڪيو هو، اسلام آباد ۾ خودمختيار تحقيقي اداري پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پيس اسٽڊيز طرفان گڏ ڪيل معلومات ۽ انگن اکرن مطابق 2021ع جي 8 مهينن ۾ ٽي ٽي پي هن وقت تائين 78 حملن جي دعويٰ ڪئي آهي، گڏيل ڪيل انگن اکرن مطابق انهن حملن ۾ 158 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن، جن مان اڪثريت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعلق رکندڙن جي آهي. ماهرن جو مڃڻ آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان اڪثر ڪري پنهنجن حملن کي گهڻو وڌائي پيش ڪن ٿا ۽ مبالغا آرائي کان ڪم وٺن ٿا، سندن دعوائن جي آزادانا طور تي تصديق ڪرڻ ممڪن ناهي هوندي، پيش ڪيل رپورٽ ۾ گڏ ڪيل انگن اکرن کي ڏسجي ته جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ تحريڪ طالبان ترتيبوار 15 ۽ 19 حملا ڪيا، جنهن ۾ جولاءِ ۾ 30 ۽ آگسٽ ۾ 28 ماڻهو مارجي ويا،  انهن ۾ هڪ ڀيرو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ شهادتون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جو هيون، پر جيڪڏهن صرف تحريڪ طالبان طرفان ڪيل دعوائن کي ڳڻيو وڃي ته انهن مطابق آگسٽ ۾ 32 حملا ڪيا ويا، جن ۾ ڪل 52 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، جڏهن ته پابندي مڙهيل تنظيم مطابق سيپٽمبر جي مهيني ۾ 15 تاريخ تائين گهٽ ۾ گهٽ 19 حملن ۾ انهن سيڪيورٽي جي گهٽ ۾ گهٽ 53 اهلڪارن کي شهيد ڪيو آهي، ٻئي طرف پاڪ فوج جي آءِ ايس پي آر جي ويب سائيٽ تي پريس رليز سيڪش جو جائزو ورتو وڃي ته ان ۾ جولاءِ مهيني ۾ صرف 13 ۽ 15 تاريخ تي ڪيل حملي جي مختصر معلومات ڏنل آهي، ان کانپوءِ آگسٽ جي مهيني ۾ اهڙا 5 واقعا 2، 9، 18، 22 ۽ 29 آگسٽ بابت مختصر ٻڌايو ويو آهي، جڏهن ته سيپٽمبر جي 15 تاريخ تائين صرف هڪ اهڙي ڪارروائي جي تصديق ڪئي وئي آهي، جنهن جو هن تحرير جي شروع ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پيس اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر ۽ دهشتگردي ٽوڙ معاملن جي ماهر محمد عامر رانا ٻڌايو ته افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ کانپوءِ سڄي دنيا ۾ ان قسم جي انتهاپسندن جي حوصلا افزائي ٿي آهي، سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جيڪا ماضي ۾ مختلف ڌڙن ۾ورهائجي چڪي هئي، گذريل ڪجهه عرصي ۾ جڏهن کان اها تنظيم ٻيهر متحد ٿي آهي تڏهن کان انهن حملن ۾ تيزي ڏٺي پئي وڃي. ٻئي طرف قبائلي علائقن جي معاملن تي گهري نظر رکندڙ اڳوڻي برگيڊيئر محمود شاهه چيو آهي ته افغانستان ۾ هاڻ انهن انتهاپسندن لاءِ ڪا به جاءِ نه رهي آهي، ڀلي اهي تحريڪ طالبان جا ميمبر هجن يا ڪي ٻيا.عامر رانا جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ جڏهن کان طالبان آيا آهن تڏهن کان ٽي ٽي پي سميت ٻين تنظيمن لاءِ اهي هڪ رول ماڊل جي طور تي آڏو آهن ۽ ان سان اهو پيغام به ملي ٿو ته جيڪڏهن پنهنجي مذهبي تحريڪ ۾ قوميت جو عنصر شامل ڪيو وڃي ته ان جي ڪاميابي جا امڪان وڌي وڃن ٿا. سندس چوڻ هو ته پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي سربراهه مفتي نور ولي هڪ تازي انٽرويو ۾ پنهنجي حڪمت عملي کي هڪ وڏي تبديلي جو اشارو ڏنو، جنهن ۾ عالمي سطح تي تحريڪ بدران پنهنجي علائقي ۾ يعني قبائلي علائقن ۾ ڌيان ڏيڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ اهو ان جي سياسي ۽ مذهبي نظريي ۾ وڏي تبديلي جي طور تي ڏٺو پيو وڃي، اهو به هڪ سبب آهي ته انهن علائقن ۾ ٿيندڙ حملن ۾ واڌ ٿي آهي پر دفاعي معاملن جو ماهر برگيڊيئر رٽائرڊ محمود شاهه ائين نٿو سمجهي، هن چيو ته اها هڪ ئي ڪارروائي ٿي آهي ۽ ائين نه آهي ته سمورن قبائلي علائقن ۾ ڪاررواين ٿي رهيون آهن ۽ ان ۾ هڪ ئي قاري گروپ ملوث آهي، سندس چوڻ هو ته اهي ڪارروايون اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان جي ويجهن علائقن ۾ ٿي رهيون آهن ۽ ان جو سبب اهو آهي ته اهڙا عنصر هاڻ افغانستان ۾ نٿا رهي سگهن ان ڪري هو آخري ڪوششون ڪري رهيا آهن، سندس چوڻ هو ته پابندي مڙهيل تنظيمن لاءِ افغانستان يا ته حمايت آهي ئي نه، يا جن کي ماضيءَ ۾ انڊيا طرفان سپورٽ حاصل هئي اها به هاڻ ختم ٿي وئي آهي ۽ هاڻ کين ائين لڳي ٿو ته اهو باب ختم ٿيڻ وارو آهي، برگيڊيئر محمود شاهه جي خيال ۾ انهن حملن جي ڪا اهميت نه آهي ۽ ٽي ٽي پي جي راند هاڻ ختم ٿي رهي آهي. صدر عارف علوي ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو هو ته پاڪستان طالبان پنهنجا نظريا ڇڏي آئين سان گڏ هلڻ چاهين ته حڪومت انهن لاءِ معافي جو اعلان ڪري سگهي ٿي، اهڙي طرح هڪ ٻئي بيان ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن تحريڪ طالبان انتهاپسند ڪارروايون ڇڏي ۽ هٿيار ڦٽا ڪري ته حڪومت انهن کي معافي ڏئي سگهي ٿي پر محمد عامر رانا جو چوڻ آهي ته افغان طالبان لاءِ هڪ وڏو امتحان آهي، جتي هنن القاعده خلاف آمريڪا سان ٺاهه ڪيو آهي اهڙي طرح پاڪستان طرفان افغان طالبان تي دٻاءَ هوندو ته پاڪستاني طالبان جي حمايت ڇڏي ڏين، جيئن پاڪستان انهن خلاف ڪارروائي ڪري سگهي، هن چيو ته اهو افغان طالبان لاءِ ڏکيو امتحان هوندو جيتوڻيڪ افغان طالبان ان حد تائين ته نٿا وڃن سگهن ته پاڪستان طالبان تي دٻاءَ وجهي يا کين پنهنجي علائقي مان ڪڍي سگهي، جيتوڻيڪ انهن پيغامن مان محسوس ٿئي ٿو ته پاڪستان حڪومت ايمنسٽي جو اعلان ڪيو اهي پر هاڻ پاڪستان طالبان اهڙين حالتن ۾ ڪهڙو قدم کڻن ٿا اڃا تائين واضح ناهي، جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ٽي ٽي پي جي دعوائن جي پويان سبب ڪهڙا آهن ته عامر رانا چيو ته ان ۾ ٻه عنصر آهن، پهريون اهو ته ٽي ٽي پي جي اها پروپئگنڊا ڪئمپين آهي، جيڪا گهڻي تيز ٿي آهي، سوشل ميڊيا تي انهن پنهنجا پيغام موڪليا آهن ته اسان هيترا هيترا حملا ڪيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو