ليکڪ: پروفيسر بشير سومرو
افغانستان مان تڙ تڪڙ ۾ آمريڪي فوجون ڪڍڻ جي پس منظر ۾ گذريل سومر تي سيڪريٽري خارجا اينٽوني بلنڪن کان ڪانگريس ۾ ٿيندڙ اجلاس جي دوران ريپبلڪن سخت پڇاڻو ڪيو ته آخر صدر بائيڊن کي تڪڙ ۾ فوجون ڪڍڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي جو آمريڪا دنيا کي پنهنجي عالمي قوت ڏيکارڻ بدران ويٽنام ياد ڏياريو، جنهن ڪري يورپي يونين ۽ ٻين آمريڪي اتحادي ملڪن ۾ اھو تاثر اڀريو آهي ته ھاڻي آمريڪا عالمي طاقت نه رهيو آهي، جنهن جي ڪري سيڪريٽري بلنڪن کي ھڪدم استعيفا ڏيڻ گهرجي، لڳاتار پنج ڪلاڪ تڪراري بحث دوران اينٽوني بلنڪن صدر بائيڊن جي ھن کنيل قدم جو دفاع ڪندي چيو ته افغانستان مان فوجون ڪڍڻ جي ڳالهين جي شروعات اڳوڻي صدر ٽرمپ ڪئي ھئي، جڏهن ته اھڙين ڳالهين ۾ بائيڊن انتظاميا ڪنهن به طرح سان شامل نه ھئي، جنهن جي ڪري اسان کي صرف فوجون ڪڍڻ لاءِ ڊيڊ لائين مليل ھئي پر ٽرمپ انتظاميا اسان کي اھو منصوبو نه ڏنو جيڪو انهن فوجن کي افغانستان مان ڪڍڻ لاءِ ٺاهيو ھو، اڳوڻي صدر ٽرمپ ھڪ ڏينهن اڳ ۾ صدر بائيڊن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ھو ته ھو ھڪ نااھل صدر آهي، جنهن آمريڪي وقار کي وڏو ڌڪ رسائيندي وڏي تڪڙ ۾ فوجون ڪڍي دنيا کي ڏيکاريو ته آمريڪا افغانستان مان ڪيئن شڪست کائي ٻاھر نڪتو آهي ۽ ياد رکجو ته صدر بائيڊن ھاڻي وري آمريڪا کي افغانستان ۾ نئين انداز سان مصروف رکندو پر حقيقت ۾ ھن آمريڪي مفادن کي وڏو ڌڪ رسايو آهي، صدر بائيڊن حقيقت ۾ ان کان وڌيڪ خراب ڪم ڪيو آهي جو ھن چين ۽ روس کي افغانستان ۾ مداخلت ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪيو آهي، ريپبلڪن ۽ ڊيموڪريٽس جي ھڪ ٻئي تي ڇتي تنقيد جاري آهي جيڪا صدر بائيڊن جي ايندڙ خطاب تي وڌيڪ تيز ٿي ويندي پر برائون يونيورسٽي پنهنجي ھڪ تازي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته افغانستان ۾ آمريڪا 20 سال سڌي طرح قبضو ڪيو جيڪي ڪل 7300 ڏينهن ٿيا ۽ ھر ھڪ ڏينهن جو خرچ 290 ملين ڊالر ھو جيڪو تقريبن 2 کرب ڊالرن کان به وڌيڪ ٿئي ٿو پر ايڏي وڏي رقم اھڙي نموني سان خرچ ڪئي وئي جو سڄي افغانستان ۾ ترقيءَ بدران ڪرپشن ڪندڙ ڪو ھڪ لشڪر تيار ڪيو پر جيڪو به سردار مٿي اڀري ايندو ھو ان کي ڊالرن جو ٿيلھو ملندو ھو، اھڙي پس منظر ۾ جڏهن اڳوڻي سفير ريان سي ڪروڪر کان افغانستان ۾ ايڏي رقم خرچ ڪرڻ جي حوالي سان پڇيو ويو ته ھن چيو ته افغانستان ۾ آمريڪا جي ناڪامي طالبان، القاعده يا داعش جي حملن يا بغاوتن جي ڪري نه ٿي آهي پر ڪرپشن جي ڪري ٿي آهي، جيڪڏهن ھن پس منظر ۾ ڏٺو وڃي ته آمريڪا نائن اليون کان پوءِ افغانستان ۾ نيشن بلڊنگ، عورتن جي حقن جي ڀڃڪڙي، جمهوريت ۽ ڪجهه ٻيا نعرا کڻي آئي ھئي پر ھتي نه ته عورتن کي حق مليا، نه ئي انساني حقن جو خيال رکيو ويو ۽ نه وري جھموريت آئي پر ان جي ابتڙ آمريڪي فوجي عورتن ۽ ڇوڪرن جي زنا ۾ ملوث رهيا، جڏهن ته ھزارين بيگناهه افغانين کي تشدد جو نشانو بڻائي گم ڪرائي ڇڏيو يا وري عدالتي حڪمن کان مٿانهان قتل ڪيا پر راڳ ڪھڙو ڳايو ٿو وڃي ته طالبان افغانستان ۾ جمهوريت کي بحال ڪن، عورتن جي حقن جي ڀڃڪڙي نه ڪن ۽ افغانستان ۾ موجود سڀني ڌرين کي عبوري حڪومت ۾ شامل ڪن پر انهن جي سڀني راين کي نظرانداز ڪندي طالبان اڳواڻن جيڪو عبوري سيٽ اپ آندو آهي تنهن ۾ صرف طالبان ۽ حقاني نيٽ ورڪ جا اڳواڻ شامل آهن ۽ مٿان وري تعليم واري وزير عورتن جي ڌار يونيورسٽي ۽ ڌار لباس جو اعلان پڻ ڪيو، جڏهن ته ڪنهن به آفيس ۾ عورتون ۽ مرد گڏ ڪم نه ڪري سگهندا، طالبان جي عبوري حڪومت جي اھڙي رويي تي يورپي يونين، آمريڪا، روس، چين ۽ ايران پنهنجن وڌندڙ ھٿن کي پوئتي ڪري ڇڏيو، جيتوڻيڪ طالبان جي عبوري حڪومت نائن اليون تي رٿيل تقريب جنهن کي روس ۽ ايران جي نه اچڻ جي ڪري ملتوي ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ خطي جي اھم ملڪن جي سربراھن کي دعوت پڻ ڏني وئي ھئي، جنهن سان ھڪ طرف طالبان فتح جو اعلان ڪن ھا ته ٻئي طرف وري ان تقريب ۾ عبوري حڪومت کي مڃڻ جو اعلان ٿئي ھا، طالبان جي عبوري حڪومت جي اعلان ٿيڻ سان ئي آمريڪا افغانستان جي رقم ۽ سون کي فريز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري طالبان جي عبوري حڪومت جو ڪاروھنوار رڪجي ويو آهي، ايتريقدر جو پگهار ڏيڻ جي لاءِ به پيسا نه آهن، ٻئي طرف وري ملڪ اندر بک منهن ڪڍڻ جي لاءِ تيار بيٺي آهي، جنهن جي ڪري لکين ماڻهو افغانستان ڇڏي ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار آهن، جيڪڏهن اھڙي حالت برقرار رهي ته پناهگيرن جي ھڪ وڏي لوڌ لڏپلاڻ ڪري پاڙيسري ملڪن جي سماجي حالتن ۾ وڏي تبديلي آڻيندي، اھڙي خطري کي محسوس ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اينٽونيو گٽريس سڌريل ملڪن ۽ ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته افغانستان ۾ کاڌي جو بحران تيزيءَ سان ڪر کڻي رهيو آهي جنهن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي وڃي، اينٽونيو گٽريس جي اپيل تي ھڪ ارب ڊالرن کان وڌيڪ رقم گڏ ٿي وئي آهي پر اينٽونيو گٽريس چيو ته ابتدائي طور تي 6 ارب ڊالرن کان وڌيڪ رقم گهرجي، چين اڳ ۾ 31 ملين ڊالرن جي امداد جو اعلان ڪري چڪو آهي پر ھتي اهو سوال ٿو اڀري ته اھا رقم ڪنهن کي ڏني وڃي؟ طالبان کي! آمريڪا، يورپي يونين، چين ۽ روس اھو ڪڏهن به قبول نه ڪندا ته اھا رقم طالبان کي ملي ته ھو عوام بدران پنهنجن ماڻهن ۾ مال غنيمت ڪري ورھائين ۽ طالبان وري ڪنهن به اين جي اوز يا ڪنهن ٻي تنظيم کي برداشت نه ڪندا ته اھي طالبان اڳواڻن کي پاسيرو ڪري سڌيءَ طرح سان رقم ورھائين، جيڪڏهن اها امداد طالبان کي ملي ٿي وڃي ته پوءِ اھا رقم انهن لاءِ ھڪ امتحان کان گهٽ نه ھوندي، جيڪڏهن طالبان کي اها امداد ملي به وڃي ۽ ھو صحيح طريقي سان ورھائي وڃن ته پوءِ عالمي اڳواڻن کي عبوري حڪومت کي تسليم ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي جيڪي نه ٿا چاھن ته افغانستان معاشي طور تي ھڪ ناڪام رياست بڻجي وڃي جتي ھر طرف بک ۽ بيروزگاري واڪا ڪري پر وري به عالمي اڳواڻ طالبان تي ڪيئن ۽ ڇو اعتبار ڪن، جڏهن انهن طالبان جي عبوري حڪومت کي تسليم به نه ڪيو آهي، افغانستان کي ناڪام رياست بڻجڻ کان روڪڻ لاءِ عالمي اڳواڻن ۾ ڳالهيون جاري آهن ته جيئن بک وگهي جيڪا لڏپلاڻ ٿيندي سا پاڪستان ۽ وچ ايشيا جي ملڪن لاءِ ھڪ وڏو ڏچو پيدا ڪندي، اھڙي صورتحال کي روڪڻ لاءِ پاڪستان جي انٽر سروسز انٽيليجنس يعني آءِ ايس آءِ جي چيف جنرل فيض حميد 8 ملڪن جي انٽيليجنس چيفس کي اسلام آباد گهرايو ته جيئن افغانستان جي موجوده عبوري سسٽم کي بچائي سگهجي، ھن گڏجاڻي ۾ ڪو به گڏيل پڌرنامو يا بيان جاري نه ڪيو ويو آهي ته اھي ملڪ ڪرڻ ڇا چاھيندا؟ افغانستان ۾ ھن وقت انساني بحران جنم وٺي رهيو آهي، جنهن لاءِ دنيا جا سڌريل ملڪ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن پر آمريڪا، چين، روس ۽ يورپي يونين لاءِ آمريڪي انٽيليجنس جي رپورٽ اھميت ٿي رکي جنهن ۾ اھو چيل آهي ته افغانستان ۾ القاعده جا ويڙھاڪ آھستي آھستي گڏ ٿي رهيا آهن پر اھو سندن شروعاتي مرحلو آهي جنهن ۾ ھو حملو نه ڪري سگهندا، سي آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊيوڊ ڪوھن چيو ته اسان ڪنهن به طرح سان انهن ويڙھاڪن کي ھڪ ھنڌ گڏ ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان سوچي رهيا آهيون ته اسان ھڪ دفعو وري افغانستان ۾ واپس پھچي القاعده جي ويڙھاڪن کي ختم ڪريون، ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ القاعده جي اڳواڻ ايمن الزھراويءَ جي 60 منٽن جي ھڪ وڊيو به سامهون آئي آهي جنهن مان اھو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ھو زنده آهي ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ القاعده جي اڳواڻ اساما بن لادن سان گڏ ايمن الزھراوي جي مارجڻ جا اطلاع مليل ھئا، آمريڪي فوجن جي افغانستان مان نڪرڻ کان پوءِ واري صورتحال جي پس منظر ۾ چين شنگھائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جو اجلاس گهرايو هو ته جيئن افغانستان کي ناڪام رياست ٿيڻ کان بچائي سگهجي ۽ ساڳي وقت تي کاڌ خوراڪ سان گڏ وڏي تعداد ۾ پيدا ٿيندڙ پناھگيرن جي امڪاني صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي، جيتوڻيڪ چين جا طالبان قيادت سان بھتر لاڳاپا رهيا آهن پر پوءِ به جيڪڏهن صورتحال طالبان جي ھٿن مان نڪري وڃي ته چين نه پر روس پنهنجي فوجن کي تيار رھڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ته جيئن ھو امڪاني طور تي مداخلت ڪري وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا جي امن کي بچائي سگهن، ھاڻي ھڪ طرف روس، چين ۽ پاڪستان جي خواهش آهي ته طالبان جي عبوري حڪومت کي ٽيڪ ڏجي ته جيئن اھا ناڪام رياست ڏانهن نه وڌي، اھڙي پس منظر ۾ پاڪستان جا امدادي جھاز افغانستان پھچي ويا پر ساڳي وقت تي قطر جي پرڏيهي وزير ڪابل جو دورو ڪري طالبان قيادت کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪابل جي ھوائي اڏي جي سيڪيورٽي قطر سان گڏ ترڪيءَ کي به ڏني وڃي ته جيئن عالمي امدادي ادارن ۽ ملڪن ڏانهن بھتر پيغام وڃي ته پوءِ ئي افغانستان کي ناڪام رياست کان بچائي سگهجي ٿو، وچ ايشيا ۽ افغانستان ۾ چين ۽ روس جي وڌندڙ اثر کي روڪڻ لاءِ بائيڊن انتظاميا ميانمار جو جنگي محاذ تيار ڪري رهي آهي جيڪو پنهنجي شروعاتي مرحلي ۾ آهي پر ايندڙ ڪجهه مھينن ۾ نه صرف ميانمار ۽ ھندستان جون اھي رياستون جن جون سرحدون ميانمار سان ملن ٿيون، بنگلاديش ۽ ٿائلينڊ سميت ڪجهه ٻيا به ملڪ پراڪسي جنگ جو حصو ٿي ويندا، اھڙي ئي پس منظر ۾ آمريڪا 24 سيپٽمبر تي ڪواڊريليٽرل ڊفينس سيڪيورٽي يا ڪواڊ جي گڏجاڻي ڪوٺائي آهي جنهن ۾ ئي پراڪسي جنگ جو نقشو واضح ٿي ويندو.