141

ڏات-32 ٻولي نمبر جو اڀياس…

ليکڪ: مختيار چنو

هڪ اندازي مطابق هن وقت دنيا ۾  تقريبن 6809 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. جن مان ڪجهھ تيزي سان مٽجڻ طرف وڌي رهيون آهن. ڪيترين ٻولين جا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڳالهائيندڙ آهن. جن جي مري وڃڻ سان اهي ٻوليون پاڻمرادو ختم ٿي وينديون، اقتصادي ماهرن جي راءِ آهي ته ٻوليون مارڪيٽن ۾  ڄمنديون ۽ مرنديون آهن. جيڪي ٻوليون مارڪيٽ ۾ موجود ناهن اهي دير سوير ختم ٿي وينديون. انهن کي ڪير به بچائي نه سگهندو. ان کي محسوس ڪندي تيزي سان اقليت ۾ تبديل ٿيندڙ قومن کي پنهنجي ٻولي ختم ٿيڻ جو خوف وڪوڙي ويو آهي. جنھن ۾ سنڌي ٻولي به شامل هئي، ان خوفائتي ماحول کي محسوس ڪندي علم دوست ادبي سنگت سنڌ، 2008ع ۾ خيرپور ۾ ٻولي ڪانفرنس ڪوٺائي هئي. جنهن جو مرڪزي صدر انور پرديسي هو، جتي ٻوليءَ جي خدمتگار محققن، اديبن، ڏاهن مضمون ۽ مقالا پڙهيا هئا. ٻوليءَ کي بچائڻ جون تجويزون ڏنيون، جن کي سهيڙي علم دوست ادبي سنگت سنڌ پنهنجي ترجمان ”ڏات پبليڪيشن خيرپور“ ۾ ثقافت کاتي جي سهڪار سان”ٻولي نمبر“ ڪري ڇپايو آهي. پبليڪيشن جو ايڊيٽر ۽ پبلشر ناميارو ڪالمنگار، شاعر ۽ صحافي خادم ڪلهوڙو آهي، ٻوليءَ بابت ٻين موضوعن جي اڀياس ڪرڻ کان اڳ ضروري آهي ته ٻولي ڇا آهي؟ سنڌي ٻوليءَ جي پراڪرت کان سنسڪرت ڏانهن سفر بابت ڄاڻجي، وشال امير پنهنجي مقالي ”سنڌي ٻوليءَ کي لاحق خطرو“ ۾ لکيو آهي ته مشهور آمريڪي لسانياتي ماهر ميشرس بلاخ ۽ ٽرنگر ٻوليءَ بابت چون ٿا ته ”زبان پاڻمرادو قبول ڪيل آوازي علامتن جي هڪ تنظيم آهي. جنهن جي ذريعي هڪ سماجي گروهه جا ماڻهو هڪ ٻئي سان تعاون ڪن ٿا“ وشال امير پنهنجي مقالي ۾ ڊڪشنري ڊاٽ ڪام ۽ ڪيمبرج انگلش ڊڪشنري جون وصفون پڻ لکيون آهن. ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب انگريزي ليکڪ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي نظريي سان ڪنهن قدر سهمت ٿيندي مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل مهر چند، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، جي ايم سيد، ڪشنچند جيٽلي ۽ ٻيا ڪجهھ ان ڳالھه سان سهمت آهن ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي.ٻئي پاسي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سراج الحق ميمڻ مٿين اديبن جي راين کي رد ڪيو ۽ واضح چيو ته سنڌي ٻولي نج پراڪرتي آهي، وشال امير ٻنهي جي معنيٰ ڏئي بحث کي آسان ڪيو آهي. سنسڪرت جي معنيٰ آهي عمدي سينگاريل يا اها ٻولي جيڪا گرامر جي اصولن سان پوري ريت جڙيل هجي. پراڪرت جي معنيٰ فطرت يا قدرت، يعني پراڪرتي ٻوليون اهي ٻوليون آهن جيڪي قدرتي يا فطرتي طور وجود ۾ آيل آهن، جنهن جو مثال سڀ کان اڳ سنڌي کي لکڻ لاءِ عربي رسم الخط 864ع عربن جي دور ۾ منصوره جي عربي عالم جاحظ جوڙي هئي، وشال امير جي دليلن کي مضبوط ڪندي لطيف اياز پنهور پنهنجي مقالي عنوان ”اوائلي ڳالهائجندڙ هڪ مک ٻولي“ ۾ مختلف عالمي ماهرن جي گڏيل راءِ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته ”دنيا جي ٻولين جو سرچشمو ڪا هڪ ٻولي آهي“ ساڳي صفحي تي لکيو آهي ته ”انجيل ۾ هڪ ٻولي ڳالهائيندڙن جو ذڪر آهي ته قرآن ۾هڪ امت جو ذڪر ملي ٿو“  ”سمورا انسان هڪ قوم هئا“ جي چاهيون ها ته هڪ امت ڪري پيدا ڪيون ها (القرآن) اڳتي لکي ٿو ته اوائلي ڪنهن هڪ سرچشمو ٻولي بابت، تاريخي استعارن،  عبارتن ۽ ڌرمي روايتن جي روشنيءَ ۾، هڪ سرچشمو ٻولي، جنھن تي اڪثر ماهر متفق آهن، جنھن جو مثال ٻين ٻولين ۾ ملڻ مشڪل آهي. سو آهي بهترين آوازن وارو نظريو. ٻين ٻولين ۾ ان جو مثال ملي نه ملي پر سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جا ڪافي ثبوت ملن ٿا. فطري آوازن جي نظريي کان سواءِ ٻيا به ڪيترا ئي اڻ سڌي ساک تي ٻڌل نظريا آهن. جيڪي پڻ مجموعي طور تي سنڌوءَ جي عالمي ٻولين جي ماءُ ٻولي هجڻ جي بحث کي زور وٺائن ٿا“ ساڳي بحث کي اڳتي وڌائيندي لعل بخش منگيءَ پنهنجي مقالي ”سنڌي ٻوليءَ جو تحفظ ۽ واڌارو“  ۾ لکي ٿو ته ”سنڌي ٻولي، مقالا ۽ مضمون، ص111 تي عبدالجبار جوڻيجو لکيو آهي ته حضرت عيسي کان اڳ سنڌو تهذيب جو عروج هو. ٻئي هنڌ مير علي شير قانع ٺٺوي جي تحفة الڪرام جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته سنڌ ۽ سنڌي ٻولي قديم آهي. ان روايت موجب حضرت نوح عليه السلام جي هڪ پٽ جو نالو سنڌ به هو. ”مولانا محمد رمضان ڦلپوٽو سنڌي ٻوليءَ جي اهميت جي حوالي سان پنهنجي مقالي ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ عالمن جي ڪردار جو مختصر جائزو“ ۾ لکي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ کي اهو اعزاز ۽ شرف حاصل آهي ته پاڪستان جي علائقي ٻولين مان سڀ کان پهريون ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻولي آئي“ سنڌي ٻوليءَ جي عظمت بابت ايڊووڪيٽ نظر محمد ڳاهو پنهنجي مضمون ”سنڌي ٻوليءَ جي عظمت بابت“ نامعلوم محقق جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته سنڌو ماٿري ۾ آرين جي اچڻ کان ڪيئي صديون اڳ هتان جي ماڻهن جي ٻولي عام ڌنڌن کان وٺي وڻج واپار ۾ رائج هئي.

—————————————————(هلندڙ)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو